لاهور( م ڊ ) پاڪستان جو پهريون نيوز اينڪر کدڙو فقير مارويه ملڪ لاهور ڪنٽونمينٽ جي علائقي ۾ سندس رهائشگاهه ٻاهران قاتلاڻي حملي ۾ ذري تان بچي ويو. مارويه ملڪ تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس کي ڏنل بيان ۾ مارويه ملڪ ٻڌايو ته هو فارميسي کان ڪينٽ وڃي رهي هئي ته مٿس فائرنگ ڪئي وئي. مارويا موجب کيس اڳ به ڌمڪيون ملي رهيون هيون ته مان لاهور ڇڏي وئي هيس. واپس اچڻ بعد وري ڌمڪيون ملڻ شروع ٿيون آهن. پوليس موجب حملي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.