لاهور ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪراچي واسڻ دعا زهريٰ ڪي پي منتقل ٿيڻ جو انڪشاف

0
176
لاهور ۾ پسند جو پرڻو

ڪراچي: لاهور ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪراچي واسڻ دعا زهريٰ ڪي پي منتقل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏيندي اي آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي آءِ جي سي آءِ اي چيو ته دعا زهريٰ ۽ سندس مبينا مڙس جا موبائيل سگنلز بالاڪوٽ ۾ لوڪيٽ ٿيا، پر سمورا نمبرز بند آهن

ان موقعي تي عدالت چيو ته هيل تائين نه سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ٿيا ۽ نه ئي ڪا ڪارروائي ٿي آهي، توهان ڪسٽڊي وٺڻ جو وقت وڃائي ڇڏيو آھي، هاڻي موبائيل پويان ڀڄي رهيا آهيو

 گهرو سيڪريٽري کي دعا زهريٰ کي هٿ ڪرڻ لاءِ  سمورن صوبن جي پوليس کي هدايتون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، دعا زهري کي 30 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آھي

ھي به پڙھندا

ڪراچي مان گم ٿيل دعا زھره جو پتو لڳايو ويو، نڪاح به ڪري ورتو