لاهور(م ڊ) لاهور جي علائقي گجر پورا ۾ نوڪري جو ڏٽو ڏئي ٽن جوابدارن عورت کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو. پوليس موجب عورت جي درخواست تي گجرپورا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ آر موجب جوابدار نوڪري جو ڏٽو ڏئي عورت کي گهرايو ۽ ساٿين سان گڏجي زيادتي ڪئي، جوابدار زيادتي دوران وڊيو به ٺاهيندا رهيا ۽ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون. پوليس ترجمان موجب آءِ جي پنجاب عورت سان مبينا ڏاڍائي جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ترجمان موجب آءِ جي پنجاب جوابدارن جي جلد گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.