لاهور ۾ ناري محبت جي اظهار لاءِ روڊ تي اشتهار لڳرائي ڇڏيا

0
277
لاهور ۾ ناري محبت جي

اڪثر ماڻهو محبت جي اظهار لاءِ نوان طريقا اختيار ڪندا آهن، اُن اظهار ۾ اڪثريت ڇوڪرن جي هوندي آهي پر هن ڀيري هن ڇوڪري محبت جو اظهار انوکي انداز ۾ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

لاهور واسڻ پنهنجي پريمي سان محبت جي اظهار لاءِ روڊن تي اشتهار لڳرائي ڇڏيا، جنهن سبب شهري حيران رهجي ويا آهن

اسٽيمرز تي ڪنهن اڻڄاتل ناري طرفان فيصل عمران نالي شخص سان سڄي زندگي ساٿ نڀائڻ جي رضامندي پُڇي وئي  هئي، جن تي لکيل آهي ته ڇا اوهان سدائين منهنجا ٿي رهندئو؟

اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته فيصل عمران ڪير آهي ۽ هي اشتهار ڪنهن ڇپرائي روڊن تي لڳرايو آهي، بهرحال مامرو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع ضرور بڻيل آهي