لاهور (م ڊ) لاهور ۾ نيشنل لائسنسنگ امتحان خلاف ميڊيڪل جي شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي، مظاهرين تي مرچن جو ڦوهارو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي مظاهرين جي حالت خراب ٿي وئي، جڏهن ته 3 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، ايم بي بي ايس پاس شاگردن وڌيڪ ڪوبه امتحان ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين.