لاهور ۾ لوهاري گيٽ ڀرسان ڌماڪو، هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

0
299
لاهور جي انارڪلي بازار ۾

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور ۾ لوهاري گيٽ ڀرسان ڌماڪو ٿيو آھي، مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو، مارجي ويلن ۾ ھڪ ٻار بھ شامل آھي،، ڪيترائي زخمي ٿي پيا آھن، ڌماڪي سبب ڪيترن ئي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا، گاڏين کي به نقصان پھتو آھي

واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال  منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرز موجب ڪجھ زخمين جي حالت نازڪ آهي

 

پوليس جو چوڻ آهي ته دڪانن ڀرسان پلانٽڊ بم رکيو ويو ھو، جيڪو ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي، پوليس ڌماڪي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، ريسڪيو ٽيمن زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ورتو، ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار ڏني وئي آھي، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو

ڊي آءِ جي آپريشنز عابد جو چوڻ آھي تھ مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو آھي، بم موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو ھو، ڌماڪي بعد واقعي واري ھنڌ وڏو کڏو پئجي وئي آھي، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو، جڏھن تھ دڪانن کي پڻ باھ لڳي وئي