لاهور (م ڊ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور  ۾ ننڍي چونڊ لاءِ ورڪ شروع ٿيندي ئي جهيڙا شروع ٿي ويا آهن. ڪالهه لاهور جي تڪ پي پي 167 تي ننڍي چونڊ لاءِ ورڪ شروع ٿي ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا ۽ هڪ ٻئي خلاف نعريبازي ڪئي ۽ هڪٻئي تي هٿيار ڪڍي ورتا ۽ فائرنگ ڪئي. ٻنهي پارٽين هڪٻئي خلاف اڳرائي ڪرڻ جا الزام هنيا آهن. تڪ ۾ چونڊ مهم دوران ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن هڪٻئي تي حملي جو الزام هنيو هو. پي ٽي آءِ جي اميداور شبير گجر ليگي اميدوار تي تحريڪ انصاف جي آفيس تي حملي جو الزام هنيو، جڏهن ته ن ليگ جي نذير چوهاڻ جو چوڻ هو ته چونڊ مهم دوران گهر ويندي منهنجي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي. لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن ۾ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس اهلڪار ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته جهيڙي جو اطلاع ملندي ئي اتي پهتاسين ته جوابدار فائرنگ ڪري فرار ٿي چڪا هئا. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واقعي واري هنڌان 12 گولين جا خول مليا آهن، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. لاهور جي تڪ پي پي 167 ۾ تشدد ۽ فائرنگ جي واقعي خلاف اليڪشن ڪميشن سي سي پي او لاهور کي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر سي سي پي او لاهور کي هدايتون ڏيندي چيو هو ته تشدد ۽ فائرنگ جي انڪوائري رپورٽ فوري طور تيار ڪئي وڃي.