لاهور (م ڊ) لاهور ۾ نوڪري جي بهاني گهرائي هڪ ناري سان اجتماعي لڄالٽ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي، ڪالهه وري هڪ  ٻئي رڪشا ڊرائيور ساٿين سان گڏجي مبينا طور تي ناري کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو ۾ رڪشا ڊرائيور ساٿين سان گڏجي بندوق جي زور تي عورت سان مبينا لڄالٽ ڪئي. متاثر عورت جو چوڻ آهي ته جوابدار نوڪريءَ جو آسرو ڏئي گھرايو، جوابدار رڪشي ۾ ويهاري ناچ گھر گرائونڊ کڻي ويو، جتي هن جا ساٿي اڳ ئي موجود هئا، گرائونڊ ۾ موجود هڪ جوابدار مون کان ٻن ورهين جي ٻارڙي کسي ان کي يرغمال بڻايو، عورت چيو ته جوابدار ٻن سالن جي ٻارڙيءَ تي پستول رکي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. ڳڙهي شاهو پوليس متاثر عورت جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.