لاهور ۾ حڪومتي اتحاد ۽ پي ڊي ايم جي سربراهن جو اهم مشاورتي اجلاس

0
204
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اتحادين جو اجلاس
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اتحادين جو اجلاس، اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ جو گڏيل فيصلو

لاهور ۾ حڪومتي اتحاد ۽ پي ڊي ايم جي سربراهن جو اهم مشاورتي اجلاس جاري، وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان سوڌو ٻيا اڳواڻ اجلاس ۾ شريڪ

اجلاس ۾ پنجاب جي ننڍي چونڊ دوران شڪست، ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي صلاح مشورا، نواز ليگ طرفان چونڊون وقت کان اڳ نه ڪرائڻ بابت پنهنجي فيصلي کان اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو

وزيراعظم شهباز شريف طرفان اليڪشن ڪميشن کان پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو جلد ٻڌائڻ جو مطالبو، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ ڪميشن تي زور ڀريو آهي ته دير جو شڪار پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي جلد فيصلو ٻڌايو وڃي، رياستي ادارن تي هر هر حملي باوجود عمران خان کي کُليل ڇوٽ آهي، انهي ڇوٽ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي