لاهور (م ڊ) لاهور جي علائقي بستي سيدن شاهه ۾ جوابدار حمزه سليم، ڪنزه نالي  کدڙي فقير تي تيزاب هاري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته کدڙي فقير ڪنزه کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ان حوالي سان نواز ليگ اڳواڻ عطا الله تارڙ جو چوڻ هو ته کدڙي فقير تي تيزاب هارڻ واري واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو ويو آهي، متاثر کدڙي فقير کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي ۽ هن جي حالت سڌرندڙ آهي.هن چيو ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ لاهور پوليس هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.