ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل سال سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري 5 هزار رپين ۾ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي وفاقي سرڪار اعتراض ڪندي چيو هو ته ڪڻڪ جي خريداري قيمت گهٽ ڪئي وڃي پر اسان نه ڪئي، اڄ وفاقي حڪومت پرڏيهه مان ڪڻڪ 6600 في ٻوري درآمد ڪري رهي آهي، جنهن جو سڌو فائدو پرڏيهي آبادگارن کي ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته مقامي آبادگارن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ڪالهه ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي رهائشگاهه تي سندس پٽ ۽ گهر ڀاتين سان عذرخواهي ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت ايتري طاقتور آهي جو اها وفاق سميت ٽن صوبائي حڪومتن لاءِ مسئلو بڻيل آهي ته پوءِ توهان ملڪ جي جند ڇڏيو، اسان ملڪ کي هلائي ڏيکاريون ٿا، هن چيو ته وفاقي حڪومت هر وقت سنڌ لاءِ نوان امتحان ۽ مسئلا پيدا ڪندي رهي ٿي. هن عمر شريف جي خدمتن کي واکاڻيندي چيو ته کيس هميشه ياد رکيو ويندو. عمر شريف جھڙا ماڻھو روز پيدا نه ٿيندا آھن، هن چيو ته اسان اين سي او سي جي فيصلن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. هڪ وفاقي وزير جي بيان بابت هن چيو ته مون ماني کائڻ گهٽ ڪئي آهي، منهنجو هاڻي وزن گهٽجي ويو آهي. هن چيو ته اسان 1970ع کان ڪيترائي ڀيرا حڪومت ۾ رھيا آھيون، اسان ڄاڻون ٿا ته حڪومت ڪيئن هلائبي آهي؟ سنڌ حڪومت ڪڻڪ هر سال 15 آڪٽوبر تي يا ان کانپوءِ فلور ملن ۽ چڪين کي ڪڻڪ جاري ڪندي آهي، جڏهن ته اسان وٽ ڪڻڪ مارچ يا اپريل ۾ لهندي آهي، اسان چيو هو ته اسان وٽ رڪارڊ ڪڻڪ ٿي آھي پر رڳو ذخيري لاءِ ٿوري کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جي ضرورت سال جي آخر ۾ هوندي آھي پر اسان تي گذريل سال ڪڻڪ جو امدادي اگهه ( 2000 رپيا في مڻ ) گهٽائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو پر اسان سندن دٻاءُ ۾ نه آياسين. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي جهڙي ريت پاليسي آهي، مونکي ڊپ آهي ته اهي اٽي جي اگهه تي ضابطو رکي نه ٿي سگهندا، سنڌ حڪومت پنهنجي ڪوشش جاري رکندي، اسان ڪڻڪ جي في ٻوري جو اگهه 5000 رپيا مقرر ڪري پنهنجن آبادگارن کي فائدو پهچايو، جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي في ٻوري 6600 رپين ۾ امپورٽ پئي، اهڙي صورت ۾ اگهه تي ڪنٽرول ڪيئن ٿيندو؟ هن چيو ته ھي پھريون ڀيرو ناھي، سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت ھر ڀيري نئين امتحان ۾ وجهندي رهي آهي پر اسان پنھنجي خدمت جاري رکنداسين، هن چيو ته مون اٽي جي اگهن بابت خوراڪ کاتي کان رپورٽ طلب ڪئي ته معلوم ٿيو ته لاهور ۾ اٽو ڪراچي کان وڌيڪ مهانگو آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جيڪو صحيح لڳي سو ڪري پر سچ سچ ئي هوندو آهي، اهي ڪوڙ پٺيان لڪل آهن، سنڌ جا ماڻهو گيس جي پيداوار ۾ خودڪفيل هوندي اڄ گيس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، وفاق کان صحيح وقت تي ايل اين جي پڻ امپورٽ نه ٿيندي آهي.