لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور ۾ ڪالهه رٿيل ريلي اڄ تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ لاهور جي صدر شيخ امتياز موجب اڄ منجهند 2 وڳي زمان پارڪ کان داتا درٻار تائين ريلي ڪڍي ويندي. هن چيو ته ريلي زمان پارڪ کان علامه اقبال روڊ، ريلوي اسٽيشن کان داتا درٻار پهچندي ۽ ريلي جي قيادت عمران خان ڪندو. عمران خان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته قلم 144 غير قانوني طور تي صرف ۽ صرف پي ٽي آءِ جي چونڊ مهم تي لڳايو ويو آهي. جڏهن ته لاهور ۾ ٻيون سموريون عوامي سرگرميون جاري آهن.عمران خان چيو ته صرف زمان پارڪ کي ڪنٽينر ۽ پوليس جي وڏي نفري گهيرو ڪري رکيو آهي، جڏهن چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي ته پوءِ چونڊ سرگرمين تي قلم 144 ڪيئن لڳائي سگهجي ٿو، آئون سمورن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي درخواست ڪريان ٿو ته هو هن ڄار ۾ نه ڦاسن، اسان ان لاءِ ريلي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وڌيڪ چيو ته نگران وزيراعليٰ پنجاب وڳوڙ ڪرائي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿو، مونکي گرفتار ڪرڻ جي صورت ۾ پلاننگ تيار آهي، وقت اچن تي ٻڌائيندس، هن چيو ته مون ڪڏهن ناهي چيو ته جنرل فيض کي آرمي چيف بڻايو وڃي، هي گيم پنهنجي کيڏي رهيا هئا، استعمال مون کي ڪري رهيا هئا، اختلاف ڪندا آهيون ته ان جو اهو مطلب ناهي ته اسان ادارن سان وڙهنداسين، عمران خان چيو ته هنن جي هڪ نقاطي ايجنڊا آهن ته ڪهڙي به ريت اليڪشن کان جان ڇڏائجي، ڇاڪاڻ هي امپائر کي ملائڻ کانپوءِ کٽي نه ٿا سگهن، ان ڪري مونکي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪي ملڪ کي قرضي ڪري پيسا ٻاهر کڻي ويا اهي ملڪ کي ڪيئن ٺيڪ ڪندا؟ صاف ۽ شفاف اليڪشن ئي ملڪ کي بحران جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو واحد حل آهي، مونکي لڳي ٿو ته عدليا ئي صرف تباهي کان بچائي سگهي ٿي. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته نواز ليگ جو ٻيڙو غرق اسانجي ڪري نه ٿي رهيو آهي، هن پنهنجي ڌي کي مٿي ويهاري ڇڏيو آهي،  ڇا نواز ليگ جا پراڻا اڳواڻ ان عورت کان حڪم وٺندا، جنهن هڪ ڪلاڪ به ڪم ناهي ڪيو، عمران خان چيو ته زمان پارڪ تي جيترا ماڻهو گڏ ٿيا هئا، مونکي خوف هو ايترا ماڻهو نڪتا ته رتوڇاڻ ٿيندي، هن چيو ته مريم نواز کي جلسن کي اجازت آهي اسان کي نه، ڇا اها ليول پليئنگ آهي؟ ان کان اڳ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو ته اسان جي عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سندس حڪم موجب اعلانيل ريلي کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. حماد اظهر چيو ته ريلي اڄ يا بعد ۾ به ٿي سگهي ٿي. اسان پرامن چونڊون ۽ پرامن اقتدار چاهيون ٿا، شهر جي روڊ رستن کي کوليو وڃي. هن چيو ته اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي اسان آئين ۽ قانون جو رستو ناهي ڇڏيو. زمان پارڪ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته قلم 144 جو لاڳو صرف تحريڪ انصاف جي لاءِ آهي هي فساد چاهين ٿا، اسان پرامن چونڊون چاهيون ٿا، هي رتو ڇاڻ چاهين ٿا ۽ اسان پرامن ريلي ڪڍڻ چاهيون ٿا. اسان هميشه صبر کان ڪم ورتو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ريلي اڄ تائين ملتوي ڪئي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل سبب قلم 144 لاڳو ڪيو آهي‏، اسان حڪومت جو پي ايس ايل وارو موقف مڃي واپس وڃي رهيا آهيون پر رات جو ٻيهر جمع ٿينداسين ۽ اڄ منجهد جو زمان پارڪ کان ريلي ڪڍنداسين.