لاهور (م ڊ) پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ميڊيا انچارج ۽ سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پيپلز پارٽي لاهور جو قلعو ٻيهر فتح ڪندي،اسان جو مقابلو ڪنهن پارٽي سان نه پر ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا سان آهي. پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ميڊيا ميٽ اپ پروگرام کي خطاب ڪندي هن چيو ته پهريون ڊجيٽل شو ڪراچي ۽ پوءِ ملتان ۾ ٿيو پر سڀ کان وڌيڪ مزو لاهور ۾ آيو، پيپلز پارٽي صرف عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ ايندي آهي. ٻين جماعتن کي ڪا نه ڪا طاقت اقتدار آڻيندي آهي. مملڪتي وزير قمر زمان ڪائره چيو ته ڪجهه ماڻهو تڪڙ ۾ آهن، 90 ڏينهن رڳو پنجاب لاءِ  نه پر ڪي پي ڪي لاءِ به آهن، عمران نه حڪومت ٺاهي سگهي ٿو، نه هلي سگهي ٿو ۽ نه ئي ان کي ڪيرائي سگهي ٿو.