لاهور: چوڌري نثار ٽن سالن بعد به اسيمبلي پهچي حلف کڻي نه سگهيو

0
322

لاهور (بيورو رپورٽ) ن ليگ جو ناراض اڳواڻ ٽن سالن بعد پنجاب اسيمبلي ۾ حلف کڻڻ پهتو پر کانئس حلف نه ورتو ويو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته هڪ هفتو اڳ لکت ۾ اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ۽ اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويو هو پر اڄ اهو چيو ويو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کانسواءِ حلف نٿو ٿي سگهي، سندن اهو موقف غلط آهي جيڪو به پينل آف چيئرمين هوندو آهي تنهن وٽ اسپيڪر جا سمورا اختيار هوندا آهن، ان حوالي سان قانوني راءِ وٺندس ۽ عين ممڪن آهي ته عدالت سان رجوع ڪيو ويندو. چوڌري نثار چيو ته آئون ڪنهن سياسي راند جو حصو نه آهيان، حلف نه کڻڻ باوجود به پنهنجي تڪ جي عوام سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، سندن مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان پيو. هن چيو ته عمران خان کي مشورو ڏيندس ته ٿڌو ڪري کائي، هن ملڪ کي افهام تفهيم جي ضرورت آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.