لاهور (م ڊ) لاهور پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جي گاڏي جو گهيراءُ ڪري ورتو، ڊاڪٽر ياسمين راشد وڊيو شيئر ڪندي چيو ته لاهور پوليس منهنجي گاڏي کي گهيري ورتو آهي، شادمان انڊر پاس تي پنهنجي گاڏي کي لاڪ ڪري ڇڏيو اٿم، ياسمين راشد گاڏي جي جاري ڪيل وڊيو شيئر ڪندي چيو ته ليڊي پوليس مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو، مون وارنٽ جو پُڇيو پر ڪوبه جواب نه مليو، مون خلاف علي بلال جي ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، پر ان ۾ به ضمانت ڪرائي چڪي آهيان.