ڪراچي (نمائندن وٽان+ م ڊ) لاهور واقعي خلاف سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مذهبي تنظمين جي سڏ تي ڦيٿا روڪ هڙتال، ڪاروبار به جزوي طور بند رهيو، لاهور ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ احتجاجي پابندي پيل ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ واري واقعي خلاف مفتي منيب الرحمان جي سڏ ۽ جماعت اسلامي توڙي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي حمايت سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي، جڏهن ڪيترين ئي مارڪيٽن ۾ به جزوي طور هڙتال رهي. تنظيم المدارس اهلسنت پاران هڙتال جي سڏ تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽر بند هڙتال رهي، جڏهن ته ڪراچي جي روڊن رستن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي، نيو ڪراچي جي علائقي ۾ پوليس مظاهرين ۾ چڪريون ٿي پيون، فائرنگ ۽ پٿراءَ سبب 2 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪراچي جي صدر، ملير، گلشن حديد، قائد آباد، لانڍي، ڪورنگي، ڀٽائي آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، چل، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون، بلديا، ڊفينس، ڪلفٽن، محمود آباد ۽ ٻين علائقن ۾ هڙتال رهي، ٽرانسپورٽ اتحاد، آل تاجر اتحاد ۽ ٻين تنظيمن پاران هڙتال جي حمايت سبب ڪاروبار سميت ٻيون سرگرميون به معطل رهيون، سرڪاري توڙي خانگي آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي. ٽريفڪ پوليس موجب لياري ايڪسپريس وي، ماڙيپور روڊ، حب ريور روڊ، نادرن باءِ پاس، شاهراه فيصل ۽ پراڻي نيشنل هاءِ وي تي ٽريفڪ معمول موجب هلندي رهي، پوليس موجب ڪجهه هنڌن تي شرپسند ماڻهن اچي روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس ۽ رينجرز جي بروقت ڪاررواين سبب اهي ناڪام رهيا. ٻئي پاسي نيو ڪراچي 6 نمبر واري علائقي ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿي پيون جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ ۽ شيل لڳڻ سبب ٻن پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ذريعن موجب علائقي ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڌرڻو هڻي ويٺل هئا جتي هنن جو پوليس سان چڪريون ٿي پيون، پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان ڇڪتاڻ شروع ٿي، ايس ايس پي سينٽرل غلام مرتضيٰ موجب 12 مظاهرين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾ ڪاروباري مرڪز جزوي طور تي بند رکي احتجاج ڪيو ويو. انجمن تاجران حيدرآباد جي سڏ تي لطيف آباد ۽ سٽي جي ڪجهه علائقن ۾ واپارين پاران شٽربند هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته هڙتال سبب شاھي بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، اسٽيشن روڊ، قدم گاھ موعلي روڊ، نئين پل، مڪي شاھ، آٽو ڀان روڊ، ڪوهنور چوڪ، قاضي قيوم روڊ، حيدر چوڪ، گل سينٽر، صدر، بوھري بازار، چاندني مارڪيٽ، گاڏي کاتو، ريشم بازار، سراپا بازار، تلڪ چاڙھي، سرفراز چاڙھي، پٺاڻ ڪالوني، سول اسپتال روڊ، ڇوٽڪي گھٽي، اردو بازار، پڪو قلعي سميت ٻين علائقن ۾ پڻ ڪاروباري مرڪز توڙي شاپنگ سينٽر بند رهيا. مذهبي جماعتن پاران ابتدائي طور حيدر چوڪ، ڪوهنور چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. جڏهن ته سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو. ٺٽي ۾ مذھبي جماعتن پاران شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري شيخ فريد چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان کان علاوه مڪلي، جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، غلام الله، ساڪرو، ور، ڳاڙھو، جھرڪ ۽ سونڊا ڪاروبار بند رھيو. سانگهڙ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، مک بازارون مڪمل طور بند رهيون. سجاول، ماتلي، کوسڪي، کورواھ، ڇاڇرو، ننگرپارڪر، ڏانو ڌانڌل، ٻھارا ۾ مرڪزي جماعت اهلسنت، جمعيت العلماءِ اسلام ۽ ٻين مذهبي تنظيمن جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، شهرن جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون. ميهڙ ۾ سني تحريڪ ۽ جماعت اهل سنت و جماعت ۽ ٻين مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي، ڳڙهي خيرو ۾ جزوي ھڙتال رھي، راڌڻ ۾ مرڪزي جماعت اھلسنت جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ٿاڻوبولاخان ۾ شھر مڪمل بند ڪرائي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جهڏو ۽ شاهپور چاڪر ۾ به ڪاروبار بند رکيو ويو، ڄام صاحب ۾ سني تحريڪ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سنڌڙي، ڦلھڏيون ۽ گرھوڙ شريف شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي. ڄامشورو ۾ پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ ڄامشوري جي سرپرست اعلي مولوي عبيد الله حيدري طاهري جي اڳواڻي ۾ مين شاھي بازار کان ريلي ڪڍي وئي، شھدادپور ۾ مُک ڪاروباري مرڪز بند رهيا، مذهبي جماعتن پاران ريليون ڪڍيون ويون. شھدادڪوٽ ۾ حافظ عبدالقادر بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. مديجي ۾ مذهبي تنظيمن جي سڏ تي مدرسي فيضانِ قاسميه کان حافظ محمد شريف جوڻيجو، وزير جوش جوڻيجو، فقير عبداللطيف ميربحر، هادي بخش پنهور ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نواب ولي محمد ۾ حافظ تاج محمد راهو، حافظ زاھد رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڊگهڙي شھر ۾ شٽر بند هڙتال رهي، مورو تعلقي بار ايسوسئيشن جي سڏ تي وڪيل برادري ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ احتجاجي مظاھرو ڪيو، ٽنڊوآدم ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي. شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا ٽرانسپورٽ به روڊن تان غائب رهي، خانواهڻ، سڪرنڊ، ڪنڊيارو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ٺاروشاهه ۾ پابندي مڙهيل تنظيم پاران شهر ۾ زبردستي شٽربند هڙتال ڪرائڻ ۽ ڌرڻو هڻي مسافرن جي رستا روڪ جي الزام هيٺ 8 پابندي مڙهيل مذھبي تنظيم جي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. راولپنڊي ۾ مرڪزي انجمن تاجران راولپنڊي طرفان عالمن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شٽر ڊائون هڙتال جي سڏ تي ڪيتريون ئي بازارون بند رکيون ويون، لاهور ۾ به ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ٽريفڪ به معمول کان گهٽ رهي، جڏهن ته پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ زندگي معمول مطابق جاري رهي.

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ ٿاڻي تي حملي ۽ اهلڪارن کي اغوا ڪرڻ جو پابندي پيل تنظيم جي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، دهشتگردي سميت مختلف قلم لاڳو ڪيا ويا، ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 250 کان 300 ڪارڪن ڏنڊا کڻي ٿاڻي ۾ داخل ٿي ويا، ڊي ايس پي مڇريل ڪارڪنن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪارڪنن ڳالهه سمجهڻ بدران مٿس تشدد ڪيو ۽ ڊي ايس پي کي ٻين اهلڪارن سوڌو اغوا ڪري ويا، ڪارڪنن ٿاڻي جو دروازو ٽوڙي باهه لڳائي نقصان به پهچايو.