اسلام آباد: خصوصي عدالت 17 ڊسمبر 2019ع تي سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، اهو ڪيس نواز ليگ جي حڪومت 3 نومبر 2007ع تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ، آئين معطل ڪرڻ تي داخل ڪيو ويو هو. هڪ مهيني کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف خلاف اڳوڻي حڪومت پاران قدمن کي غيرآئيني قرار ڏنو جنهن ۾ سنگين غداري جي الزام ۾ شڪايت داخل ڪرڻ، خصوصي عدالت قائم ڪرڻ به شامل هو جنهن جي نتيجي ۾ پرويز مشرف جي سزا ختم ٿي وئي هئي.