عمران خان جو حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو

0
142

لاهور هاءِ ڪورٽ زمان پارڪ ۾ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ 3 وڳي تائين واڌ ڪري ڇڏي

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ زمان پارڪ ۾ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ 3 وڳي تائين واڌ ڪري ڇڏي، جسٽس طارق سليم زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن روڪڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

 ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري عدالت کي آگاهه ڪيو ته پي ٽي آءِ سومر تي لاهور ۾ جلسو ڪندي، اسان آچر تي جلسو نه ڪرڻ واري عدالتي حڪم جو احترام ڪريون ٿا

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن آءِ جي پنجاب سان ملاقات ڪئي، پوليس عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، عمران خان جي حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري رهيا آهيون، آءِ جي پنجاب کي گذارش آهي ته پوليس ڪارڪنن کي گرفتار نه ڪري

 جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته آئون پوليس کي ڪارروائي کان نه روڪيندس، پوليس جاچ ڪري، ڪنهن جو ڏوهه ثابت ٿئي ته اُن کي قانون موجب ڏسي، توهان جي ڳالهين ۾ قانوني اشو آهي، معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ ۾ آهي، اِن اسٽيج تي اسان حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟

ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان طرفان ٿوري دير ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پهچڻ جا امڪان آهن عدالت ۾ پيشي کان اڳ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي زمان پارڪ پهچڻ جي هدايت، ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪندو، فواد چوڌري درخواست بابت عدالت کي آگاهه ڪيو هو

لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي زمان پارڪ مان شاهديون گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس کي زمان پارڪ مان شاهديون گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ٻڌڻي دوران آءِ جي پنجاب عثمان انور عدالت کي واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪرڻ جي استدعا ڪئي

 آءِ جي پنجاب عدالت ۾ چيو ته سرچ وارنٽ اچڻ بعد قانوني ڪارروائي جي اجازت هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ وارن کي به سرچ وارنٽ تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي وڃي، عدالت چيو ته قانون ۾ توهان جي سمورن خدشن جا حل موجود آهن، عدالت زمان پارڪ ۾ شاهديون گڏ ڪرڻ واري آءِ جي پنجاب جي استدعا منظور ڪري ورتي آهي

هي به پڙهندا

عمران خان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ڪيسز ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس عمران خان جي درخواستن تي اعتراض واري ڇڏيا