لاهور هاءِ ڪورٽ راوي اربن منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

0
483

لاهور هاءِ ڪورٽ راوي

ڪراچي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ راوي اربن منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت راوي اربن ڊولپمينٽ پروجيڪٽ خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪندي منصوبي خلاف داخل درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون

عدالت منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏيندي روڊا جي ترميمي آرڊيننس جي سيڪشن 4 کي به غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو آهي

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جو ماسٽر پلان بنيادي دستاويز آهي ۽ قانون موجب سموريون اسڪيمون ماسٽر پلان جي تابع آهن ان ڪري ماسٽر پلان کانسواءِ ڪا به اسڪيم غير قانوني آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته روڊا ترميمي آرڊيننس جو سيڪشن 4 آئين جي آرٽيڪل 144 اي سان ٽڪراءَ ۾ آهي، روڊا جو ترميمي آرڊيننس به آئين جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ان جو ترميمي آرڊيننس غير آئيني ۽ غير قانوني آهي

عدالت چيو ته زرعي زمين تڏهن ئي وٺي سگهجي ٿي جڏهن باقاعده قانوني فريم ورڪ هجي

 ھن منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو هو ته منصوبو لاهور ۾ زير زمين پاڻي جي سطح کي مستحڪم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو

هن چيو ته هتي هڪ ڍنڍ ٺاهڻ جو منصوبو آهي جيڪو ان کي مڪمل ‘ماحولياتي نظام’ طور پيش ڪندو، ساڳئي وقت 6 ملين ٻوٽا لڳايا ويندا ۽ 1.8 ملين هائوسنگ يونٽ ٺاهيا ويندا

ياد رهي ته ان کان اڳ 2014 ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف به ساڳئي منصوبي بابت فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي هئي پر حڪومت ان تي وڌيڪ ڪم روڪيو هو