لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس راجا شاهد محمود عباسي لاڏاڻو  ڪري ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته جسٽس راجا شاهد عباسي جي جنازي نماز اڄ صبح جو 10 وڳي ايچ 8 قبرستان اسلام آباد ۾ ادا ڪئي ويندي. هنن ٻڌايو ته مرحوم کي ايچ 8 قبرستان اسلام آباد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. واضح رهي ته جسٽس راجا شاهد عباسي 25 جنوري 1963 ۾ پيدا ٿيو هو، هو 59 سالن جي عمر ۾ حقيقي خالق سان وڃي مليو.