لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي الزام لڳايو آهي ته سندس هڪ دوست کي ڪاري ويگو ۾ سوار اڻڄاتل ماڻهو کنڀي ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي هڪ دوست کي ڪجهه ماڻهو ٻن ڪارين ويگو  ۾ کنڀي ويا آهن. سوشل ميڊيا تي واقعي جا وڊيو فوٽيجز شيئر ڪندي مونس الاهي لکيو ته ايف آءِ اي وارا قسم کڻي رهيا آهن ته هُنن ناهي کنڀيو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس ايف آءِ اي ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ کائنس مرضي جو جواب وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو. ٻئي پاسي لاهور جي گارڊن ٽائون ٿاڻي ۾ مغوي احمد فاران خان جي ڀاءَ جي فريادت تي اغوا  ۽ چوري جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب گارڊن ٽائون واسي احمد فاران خان پنهنجي گهران گاڏي ۾ ڊرائيور سان گڏ نڪتو، گارڊن ٽائون کان مسلم ٽائون موڙ وٽ ڇهه کان ست هٿياربندن گاڏي روڪي احمد فاران کي اغوا ڪري ورتو جڏهن ته هٿياربند لائسنس يافته رائفل به ساڻ کڻي ويا آهن. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊرائيور موبائيل فون تي مغوي جي ڀاءُ سلمان ظهير خان کي اطلاع ڏنو جيڪو ٿڏي تي واقعي واري هنڌ پهتو ۽ پوليس کي معاملي کان آگاهه ڪيو. ذريعن موجب پوليس واقعي جي مختلف رُخن کان جاچ ڪري رهي آهي، حساس اداري جا آفيسر به مغوي جي بازيابي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.