اسلام آباد (بيورو رپوٽ) لاهور جو قديم والٽن ايئرپورٽ ۽ فلائنگ ڪلب بند ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا والٽن ايئرپورٽ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني، والٽن ايئرپورٽ ۽ فلائنگ ڪلب بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، والٽن ايئرپورٽ جو شمار ايشيا جي قديم ايئرپورٽس ۾ ٿيندو آهي، 1962ع تائين والٽن ايئرپورٽ لاهور جو پهريون سويلين ايئرپورٽ هو.