لاهور جي انارڪلي بازار ۾ ڌماڪي لاءِ ڪيترا دهشتگرد آيا؟

0
553
لاهور جي انارڪلي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي انارڪلي بازار ۾ گذريل ڏينهن ٿيل ڌمڪاي لاءِ ايندڙ دشتگردن بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن، ذريعن موجب ڌمااڪي لاءِ 2سهولتڪار ۽ هڪ دهشتگرد انارڪلي بازار پهتا

2سهولتڪار سرڪلر روڊ کان آيا جڏهن ته هڪ دهشتگرد پان گلي کان آيو، ذريعن موجب هشتگرد بيگ بنڪ جي سامهون رکيو ۽ سرڪلر روڊ جي طرف هليو ويو، جڏهن ته دهشتگرد کي آڻيندڙ سهولتڪار به فرار ٿي ويا

لاهور جي انارڪلي بازار ۾ ٿيل ڌماڪي جو ڪيس داخل

لاهور جي انارڪلي بازار ۾ ٿيل ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، پوليس موجب ڌماڪي جي جاچ جاري آهي، فارنزڪ ۽ سي ٽي ڊي ٽيمن ڌماڪي واري جاءِ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، ڌماڪي بعد انارڪلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروبار بند آهي

سي سي ٽي وي فوٽجز جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ۽ سهولتڪارن جي ڳولا لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن، پوليس موجب، ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ انسپيڪٽر عابد بيگ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ميو اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي 12زخمين کي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت 13 زخمي علاج هيٺ آهن