لاهور جي انارڪلي بازار ۾ ٿيل ڌماڪي جو ڪيس داخل

0
383
لاهور جي انارڪلي بازار ۾

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي انارڪلي بازار ۾ ٿيل ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، پوليس موجب ڌماڪي جي جاچ جاري آهي، فارنزڪ ۽ سي ٽي ڊي ٽيمن ڌماڪي واري جاءِ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، ڌماڪي بعد انارڪلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروبار بند آهي

سي سي ٽي وي فوٽجز جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ۽ سهولتڪارن جي ڳولا لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن، پوليس موجب، ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ انسپيڪٽر عابد بيگ جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ميو اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي 12زخمين کي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت 13 زخمي علاج هيٺ آهن

ھي به پڙھندا

لاهور ۾ لوهاري گيٽ ڀرسان ڌماڪو، هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي