لاهور (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين طرفان پنهنجي خلاف ڪيسز جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو، لاهور جي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو آهي ته پي ٽي آءِ سڀني جي جماعت آهي، اُن کي ڇڏي ٻيو ڪيڏانهن ويندس، ٽيلي فون تي آرڊر وٺي جاچ شروع ڪرڻ وارو ڪم نه ڪيو وڃي، لاهور جي سيشن ڪورٽ جهانگير ترين ۽ سندس پُٽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ 22 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي، بئڪنگ ڪورٽ طرفان به پيءُ پُٽ جي ضمانت ۾ 17 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي هم خيال پارلياماني ميمبرن وزيراعظم عمران خان کي ملاقات جي لاءِ درخواست ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبر راجا رياض وزيراعظم سان ملاقات جي لاءِ درخواست تيار ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته وزيراعظم کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ ملاقات جي درخواست اڄ وزيراعظم کي موڪلي ويندي، جنهن تي 30 ميمبرز صحيحون ڪيون آهن، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪا درخواست وزيراعظم کي موڪلي ويندي ان تي قومي اسيمبلي جي 8 ، 2 وزير، 4 صلاحڪار ۽ ايم پي ايز جون صحيحون ٿيل آهن.