لانگ مارچ 23 مارچ تي ئي ٿيندو، حڪمرانن کي مک وانگر پڪڙي ٻاهر ڪڍنداسين: مولانا فضل الرحمان

0
268
لانگ مارچ 23 مارچ تي ئي ٿيندو
لانگ مارچ 23 مارچ تي ئي ٿيندو، حڪمرانن کي مک وانگر پڪڙي ٻاهر ڪڍنداسين: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورين جماعتن کي تيارين لاءِ چئي ڇڏيو آهي لانگ مارچ 23 مارچ تي ئي ٿيندو، حڪمرانن کي مک وانگر پڪڙي ٻاهر ڪڍنداسين

هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل حڪمرانن جي مصنوعي ايمانداري جو آئينو ڏيکاري ڇڏيو آهي. ٽن سالن ۾ 117 کان ملڪ 140 نمبر تائين اچي ويو. ڪجهه شرم هجي ها ته ڍڪ پاڻي ۾ ٻڏي مرن ها. هي تاريخ جي ناڪام، نااهل، ڪرپٽ حڪومت ثابت ٿي چڪي آهي پوءِ به ڪوشش پئي ڪري ته آئنده اليڪشن لاءِ مشينن جو سهارو وٺي ٻيهر ڌانڌلي جو طريقو ڳوليو وڃي. پر قوم بيدار آهي انشاءَ الله هنن کي مک وانگر آڱر سان پڪڙي اقتدار مان ٻاهر ڪبو

مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان فارين فنڊنگ ۾ ڏوهاري قرار ٿي چڪو آهي، 22 اڪائونٽس لڪايا ويا آهن. ڪنهن جيڪڏهن نه وٺندڙ پگهار لڪائي ته هن کي حڪومت مان ٻاهر ڪڍيو ويو پر 22 اڪائونٽ لڪائڻ وارو اقتدار ۾ آهي، هي ڪهڙو انصاف آهي؟ اليڪشن ڪميشن روزانو ٻڌڻي ڪري پي ٽي آءِ کي ڪالعدم قرار ڏئي.

هن چيو ته اي وي ايم کي پي ڊي ايم رد ڪري چڪي آهي، دنيا ۾ تجربو ناڪام ٿيو هاڻ اسان تي مڙهيو پيو وڃي، اسان اهڙي اليڪشن کي نه مڃينداسين، هي آر ٽي ايس جو ٻيو نالو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه ملڪ ۾ خلائي تجويز گردش پئي ڪري ته صدارتي طرز حڪومت آندو ويندو. صدارتي نظام آمريت جو ٻيو نالو آهي، چاهي ايوب ضياءَ مشرف جي صورت ۾ هجي، پارلياماني حڪومت جو خاتمو دراصل آئين جو بنيادي ڍانچو ختم ڪرڻ جي سازش آهي، ان ناپاڪ سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو.

هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا چيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ لاءِ ڀرپور تياري ضروري آهي، جيستائين سموريون پارٽيون هڪ پيج تي نه هونديون حتمي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي.