لاهور (م ڊ) لاهور پوليس لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ياسمين راشد ۽ شفقت محمود سميت ٻين کي بي ڏوهي قرار ڏنو. عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن تي شفيق آباد ٿاڻي، شاهدرا، گلبرگ ۽ ڀاٽي گيٽ ۾ ڪيس دخل هئا جڏهن ته پوليس ڪيس مان دهشتگردي ٽوڙ جا قلم ختم ڇڏيا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي هاڻ هن ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري گهربل ناهي. پوليس طرفان عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن ضمانتن جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون.