لاهور (م ڊ) حقيقي آزادي لانگ مارچ جي لاءِ پوليس پنجاب حڪومت کان وڌيڪ رقم گهري ورتي. پوليس ذريعن موجب هلندڙ مهيني پيٽرول جي مد ۾ 1 ارب 30 ڪروڙ جا فنڊ جاري ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ پوليس جي گاڏين جو ڦيٿو رڪجي ويندو. ٻئي ڪوارٽر جا 3 مهينن لاءِ جاري ٿيل فيولز جا فنڊ ڏيڍ مهيني ۾ ئي ختم ٿي ويا. پيٽرول فنڊز لاڳاپيل ضلعن ۾ هزارين ملازمن کي ڊيوٽين جي لاءِ کڻڻ ۽ ڇڏڻ تي استعمال ٿيو. سيپٽمبر ۾ لاهور کي 31 ڪروڙ سميت 1 ارب 30 ڪروڙ رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا هئا. مالي سال جي پنجن مهينن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ فنڊز استعمال ٿي ويا. جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ ساڍا 4 ارب رپين جي فنڊز مان 2 ارب 60 ڪروڙ خرچ ٿي ويا. آءِ جي پنجاب ٽئين ڪوارٽر جا فنڊز وقت کان اڳ جاري ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت ڏانهن خط اماڻي ڇڏيو آهي.