ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين صحتيابي تائين لانگ مارچ ملتوي ڪري ڇڏيو، عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر الزام لڳائيندي چيو آهي ته شهبازشريف، رانا ثناءُ ۽ هڪ ميجر جنرل گڏجي مونکي سلمان تاثير وانگر مارڻ چاهيو، جنرل باجوا فوج جو وقار بلند ڪرڻو آهي ته ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪريو، اوڀر پاڪستان وارو واقعو نه ورجايو وڃي، صحتياب ٿيڻ بعد اسلام آباد ڏانهن مارچ جو سڏ ڏيندس. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حملي کانپوءِ شوڪت خانم اسپتال ۾ پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  مونکي 4 گوليون لڳيون آهن، مونکي پهرين ئي خبر پئجي وئي هئي ته مونکي وزيرآباد يا گجرانوالا ۾ مارڻ جو پلان جوڙيو ويو آهي،24  سيپٽمبر تي جلسي ۾ مون مذهبي توهين جي الزام تي قتل واري سازش جي خدشي جو مون ذڪر پڻ ڪيو هو، مون کي خبر ڪيئن پوندي اهو به ٻڌايان ٿو ته آئون حڪومت ۾ ساڍا 3 سال رهيس، منهنجا ادارن سان لاڳاپا آهن ادارن ۾ موجود ماڻهن کي آئون سڃاڻان ٿو ايجنسين جي اندر آئون ماڻهن کي سڃاڻان ٿو سمورن ادارن ۾ جيڪا گهڻي اڪثريت آهي اهي متنفر آهن ته 6 مهينن ۾ جيڪو ملڪ سان ڪيو ويو آهي، ماڻهو هنن کان تنگ آهن اهي ٻڌائيندا آهن ته ڪهڙي سازش ڪئي اٿن، وزيرآباد پهچڻ کان اڳ هڪ ڏينهن اڳ هنن ڏٺو ماڻهن جو تعداد وڌندو پيو وڃي ته هنن مونکي مارڻ جو منصوبو بڻايو، اسڪرپٽ ٺاهيو ته مذهني انتهاپسند حملو ڪندو ۽ چوندو ته عمران خان دين خلاف آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 6 مهينا پهرين آمريڪي انڊر سيڪريٽري پاڪستاني سفير کي گهرائي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن عمران خان کي نه هٽايو ته پاڪستان لاءِ مشڪل پيدا ٿي ويندي، ان ڌمڪي جي ٻئي ڏينهن تي بي اعتمادي رٿ پيش ٿي منڊي لڳائي وئي، ضمير وڪرو ٿيا، اسانجي حڪومت ختم ڪئي وئي ته سڄي قوم روڊن تي نڪري آئي، احتجاج ڪيو، جنهن تي آئون پاڻ به حيران هيس، جڏهن مشرف چورن جي حڪومت کي هٽايو ته سڄي قوم مٺايون ورهايون، ڇاڪاڻ ماڻهو هنن جي ڪرپشن کان تنگ هئا، پر پوءِ وري پرويز مشرف چورن کي اين آر او ڏئي ڇڏيو، پيسا عوام جا چوري ٿيا ۽ معافي وري مشرف ڏني.هن چيو ته پنجاب ۾ ضمني چونڊ ۾ عوام ڀرپور حصو ورتو، پنجاب ۾ هنن جي حڪومت هئي، سمورا سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا، اليڪشن ڪميشن جي حمايت هجڻ باوجود هارائي ويا، ضمني اليڪشن بعد هي ڌمڪين تي لهي آيا، هر طرف کان ناڪامي بعد مونکي ٽيڪنيڪل طور ناڪ آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،نوازشريف وانگر آئون وزيراعظم نه بڻيو هيس، مون 22 سال جدوجهد ڪئي. عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو پر پ پ ۽ نواز ليگ جو ڪيس نه  ٻڌي رهي آهي، ٻنهي پارٽين وٽ پيسا جمع ڪرڻ جو رڪارڊ ئي ناهي، اسان جي پارٽي فنڊنگ شفاف هئي، غلط الزام لڳائڻ تي اليڪشن ڪميشن تي هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪندس، ايون فيلڊر ۾ پهرين قطري خط ۽ پوءِ وري ڪيلري فونٽ آيو. هن چيو ته مون کي چيو ويو ته مارچ ملتوي ڪريو هي ماري ڇڏيندا، مون سوچيو ته ڇا پنهنجي ننڍن مفادن لاءِ ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچايئندا،قوم کان سوال آهي ته ڇا ايئن رهڻو آهي يا آزادي وٺڻي آهي، چورن جي غلامي کان بهتر آهي ته زنده نه رهجي اهو طئي ڪري آيو هيس، ملڪ ان لاءِ نه ٺهيو هو ته ظالم حڪمراني ڪن، هي وڏي قرباني بعد ملڪ ٺهيو، قائداعظم کي خبر هئي ته ان کي زنده ناهي رهڻو پر ڪنهن کي نه ٻڌايو، دشمن کي خبر نه پئي، عمران خان چيو ته ٽن ماڻهن مونکي مارڻ جو پلان جوڙيو، جن ۾ سڀ کان پهرين رانا ثناءُ الله آهي، ڇاڪاڻ رانا ثناءُ الله قاتل آهي، شهبازشريف ۽ رانا ثناءُ الله ماڊل ٽائون ۾ معصوم شهرين تي سڌيون گوليون هلايون هيون، اهي گوليون ان ڪري هلايون هيون، ڇاڪاڻ ان واقعي کان هڪ سال اڳ  پ پ حڪومت ۾ لانگ مارچ ڪيو هو، هن چيو ته نواز ليگ جي حڪومت ۾ لانگ مارچ ڪندس ته هي ڊڄي ويا، ان ڪري خوف پکيڙي پيغام ڏئي رهيا هئا ته اسلام آباد نه اچجو، ياد رکو هن ئي رانا ثناءُ الله لانگ مارچ کان بچڻ لاءِ ماڊل ٽائون ۾ قتل عام ڪرايو هو، عابد شير علي جي پيءُ رانا ثناءُ الله لاءِ چيو ته هن 18 قتل ڪيا آهن، فيصل آباد ۾ هي 2 نمبر ڪم ڪندو آهي، ان ڪري هن لاءِ انساني جان جي ڪابه اهميت ناهي، ٻئي طرف شهبازشريف آهي، هيومن رائيٽس واچ يا ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ آهي ته 1997ع ۾ جڏهن وزيراعليٰ پنجاب هو ته هن پوليس مقابلن ۾ 900 ماڻهو مارايا هئا، عابد باڪسر ٽي وي ٽي اچي بيان ڏنو هو ته هي ڪيئن ماڻهن کي پوليس مقابلن ۾ مارائيندو هو. هن چيو ته شهبازشريف جو ايف آءِ اي ۾ 16 ارب جو ڪيس آيو ته 5 ملازم دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويا، شهبازشريف جي اقتدار ۾ ايندي ئي 2 مهينن ۾ 5 شاهد مري ويا، ڇهون نيب جو جاچ آفيسر ڊاڪٽر رضوان به دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، انهن واقعن جي ڪڏهن ڪنهن جاچ نه ڪئي ته هي سڀ ماڻهو ڪيئن مري ويا؟، حڪومت لانگ مارچ کان ڊڄي وئي، هنن کي خبر هئي ته گذريل ڀيري واري غلطي کي سڌاري ۾ زبردست پلاننگ ڪئي هئي، مونکي خبر هئي هن ڀيري جيترو عوام نڪرندو، هي ڀلي رينجرز گهرائن يا پوليس گهرائن ماڻهن کي روڪي نه ٿا سگهن، هي ته هونئه به بزدل آهن، ڪرپٽ ۽ ظالم ماڻهو بزدل هوندا آهن، تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته شهبازشريف ۽ رانا ثناءُ الله سان منهنجي قتل سازش ۾ ٽيون ميجر جنرل فيصل شامل ٿي ويو، پهرين چئن ماڻهن جن مونکي مارڻ جو منصوبو جوڙيو هو، جن جا وڊيو ۾ نالا ٻڌايا آهن، اهي ٻيا آهن، هي ٽي ٻيا آهن، هنن فيصلو ڪيو ته سلمان تاثير وانگر مونکي قتل ڪيو وڃي، هنن پلاننگ ڪئي ته چيو وڃي ته عمران خان دين جي توهين ڪئي آهي، جيئن هاڻي چون ٿا ته مذهبي انتهاپسندي جو ڪيس آهي، ڊرٽي هيري هنن کي چيو ته فڪر نه ڪريو، آئون هنن کي ٺيڪ ڪريان ٿو‏، اوهان مون تي ڇڏي ڏيو، آئون هن پارٽي کي ٺڪاڻي لڳايان ٿو، جيئن مون اوهان کي پهرين ٻڌايو هو ته ڌمڪيون ڏنيون ويون، سوشل ميڊيا جي ورڪرز کي کنڀيو ويو، خوف پکيڙيو ويو، ڄڻ اسان دشمن آهيون، ڪي ملڪ جا غدار آهيون، تحريڪ انصاف جيڪو ڪجهه ڪري پئي فيصل اڳيان اچي پيو، هن پهرين شهباز گل کي کنڀي تشدد ڪيو، اگهاڙو ڪري تصويرون ٺاهيون، ان کانپوءِ صحافي جميل فاروقي کي کنڀي اگهاڙو ڪيو، ان بعد اعظم سواتي سان ساڳيو واقعو ورجايو، اعظم سواتي واقعي خلاف کُلي عام سامهون اچي ميجر جنرل فيصل جو نالو کنيو، ان کان پهرين ڪير هن جو نالو نه وٺندو هو، اعظم سواتي چيو ته ان کان بهتر آهي ته مونکي ماريو وڃي، مونکي ٻارن سامهون ذليل ڪيو ويو، ايف آءِ اي اعظم سواتي کي جنرل فيصل جي ماڻهن حوالي ڪيو، انهن 70 ورهين جي اعظم سواتي کي اگهاڙو ڪري ذليل ڪيو ۽ تشدد ڪيو، سڄي دنيا ۾ واقعي سبب پاڪستان ۽ پاڪ فوج بدنام ٿي ته هڪ سينيٽر کي فوج تي تنقيد ڪرڻ تان تشدد ڪيو ويو، اهو واقعو اڃا ختم نه ٿي رهيو آهي، اعظم سواتي عدالت وڃي رهيو آهي، مٿان وري اسانجو لانگ مارچ شروع ٿي ويو ته  ان ڪري ميجر جنرل فيصل به هنن سان ملي ويو ۽ پوءِ ٽنهي گڏجي مونکي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. عمران خان آرمي چيف کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون اڄ جنرل باجوا کان سوال ڪريان ٿو ته ڇا فوج جو وقار بلند ٿيندو يا ڪِرندو؟ اوهان جي فوج ۾ جيڪي ڪاريون رڍون غلط ڪم ڪري رهيون آهن، ظلم ڪري رهيون آهن، انسانن تي تشدد ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن اوهان انهن خلاف قدم کڻندا ته فوج جو وقار بلند ٿيندو، ماڻهو فوج جي عزت ڪندا پر جيڪڏهن فوج ۾ ويٺل ڪردار اسان کي رڍون ٻڪريون سمجهي مارڪٽ ڪندا ته نفرتون وڌنديون. هن آرمي چيف کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته اوهان جو هڪ ميجر جنرل آمريڪا لاءِ غداري ڪرڻ تي پڪڙيو ويو، اوهان ان کي سزا ڏني ته فوج جو وقار بلند ٿيو ته ڇا اوهان هن ميجر جنرل فيصل خلاف جاچ ٿيڻ ڏيندا ۽ ڇا جڏهن وزيراعظم شهبازشريف، گهرو وزير رانا ثناءُ الله ۽ هڪ ميجر جنرل تي الزام آهي ته جاچ ٿي سگهندي، جيستائين هي ٽئي ڄڻا استعيفائون نه ٿا ڏين، هن ملڪ ۾ جاچ ڪيئن ٿي سگهي ٿي. عمران خان چيو ته جنرل باجوا صاحب آئون اوهان کي فوج جي وقار لاءِ چئي رهيو آهيان ته هي ڪاريون رڍون فوج جي وقار کي نقصان پهچائي رهيا آهن، هي سمجهن ٿا ته انسان رڍون ۽ ٻڪريون آهن، ڪڏهن هيڏانهن ڪري ڇڏيو، ڪڏهن هوڏانهن ڪري ڇڏيو،  هاڻ هي قوم جاڳي پئي آهي، قوم آڏو 2 رستا آهن، يا پرامن انقلاب ايندو يا خوني انقلاب ايندو، ٽيون ڪوبه رستو ناهي، مون 6 مهينن ۾ قوم کي جاڳندي ڏٺو آهي، هي شعور جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي، هاڻ فيصلو صرف اهو ڪرڻو آهي ته پرامن طريقي ووٽ ذريعي ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي يا ايران، سريلنڪا وانگر تباهي ذريعي تبديلي آڻڻي آهي. هن چيو ته ملتان جو مسٽر واءِ اسان جي ايم پي ايز کي گهرائي چوي ٿو ته پي ٽي آءِ جو مستقبل ناهي، سواتي جهڙو عمران سان به حشر ڪنداسين، جنرل باجوه جاڳو، ملڪ تباهي ڏانهن وڃي پيو، ڪارين رڍن خلاف ايڪشن نه کنيو ته قوم ٽٽڻ ڏانهن ويندي، الله جي مرضي هوندي ته آئون هلي ويندس پر ملڪ جو سوچيو ذات کان ٻاهر نڪرو. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته واقعي واري ڏينهن ڪنٽينر تي هيس ته اوچتو پاسي کان گوليون جو برسٽ آيو، ڄنگهه ۾ گوليون لڳيون ته ڪري پيس، اڃا ڪري رهيو هيس ته ٻيو برسٽ سامهون آيو، حملو ڪرڻ وارا 2 ماڻهو هئا، جڏهن آئون ڪري رهيو هيس ته مٿان کان گوليون گذري ويون، منهنجي خيال ۾ آئون هيٺ ڪري پيس ته مٿي ويٺل سمجهو ته شايد آئون مري ويو آهيان ۽ هو واپس هلي ويو، سمجهه جي شئي اها آهي ته هڪ حملو ڪندڙ ته پڪڙجي ويو، جنهن کي مذهبي جنوني جو نالو ڏنو پيو وڃي ۽ اهو جنهن سامهون گوليون هلايون، اهو ڪٿي آهي، جيڪڏهن 2 هيروز سامهون نه اچڻ ها ته هي وڌيڪ نقصان پهچائڻ ها، شهيد معظم کي آئون سلام پيش ڪريان ٿو، ٻيو هيرو اتسام آهي، جنهن حملو ڪندڙ کي پڪڙي ورتو، اسان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سڀ ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ هي قانون کان مٿانهان آهن. عمران خان چيف جسٽس آف پاڪستان کي مخاطب ٿيندي چيو ته چيف جسٽس صاحب هي ملڪ تيسائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي، جيستائين قانون جي حڪمراني نه ايندي، سڄي دنيا گهمي آهي، يورپ کي ويجهڙائي سان ڏٺو آهي، اتي مون پهريون ڀيرو قانون جي حڪمراني ڏٺي، ڇاڪاڻ اسان ته فوجي آمريت ۾ پليا هلئاسين، يورپ ۾ ڪوبه طاقتور ڪمزور کان مٿانهون نه هو، ڪنهن ۾ طاقت ناهي ته طاقتور ڪمزور تي ظلم ڪري، ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جو مثال ڏنو ويندو هو، منهنجي اکين آڏو سنگاپور ترقي ڪئي، ڇاڪاڻ ان ملڪ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي. هن چيو ته اسانجو ملڪ انصاف نه هجڻ ڪري اڳتي نه وڌي رهيو آهي، چيف جسٽس صاحب هتي انصاف ئي ناهي، جيستائين ٽئي استعيفا نه ڏيندا جاچ نه ٿيندي، چيف جسٽس صاحب اوهان جي وڏي ذميواري آهي، آخرت ۾ الله به پڇاڻو ڪندو. اعظم سواتي ۽ گل تي پاڻمرادو نوٽيس نٿو ٺهي؟. ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي سربراهه کي ئي انصاف نه ملي رهيو آهي، چيف جسٽس صاحب 6 مهينن ۾ جيڪو مون سان ٿيو، ڪو ملڪ اهڙو ورتاءُ دشمن سان به ناهي ڪندو، مون هن ملڪ لاءِ ايوارڊ آندا، انٽرنيشنل سطح جي شوڪت خانم اسپتال ٺاهي، 2 يونيورسٽيون ٺاهيون پر مون سان اهڙو ورتاءُ ٿي رهيو آهي، منهنجي جاسوسي ڪئي وئي، گهر جي نوڪرن کي پيسا ڏنا ويا، فون ڪالز رڪارڊ ڪيا ويا، وزيراعظم هائوس جي فون ڪالز رڪارڊ ڪئي وئي، اسانجي ڊونرز کي ڊيڄاريو ويو، هر اهو حربو استعمال ڪيو ويو جيڪو دشمن لاءِ ڪيو ويندو آهي، جنهن کان پڇون ٿا، چون ٿا اسان کي پويان کان حڪم آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته اسان اوڀر پاڪستان کي حق نه ڏئي ملڪ کي ٽوڙيو، انهي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ ويس، اتي اسان 2 ميچون کٽيون ته اسٽيڊيم ۾ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا ويا، جيتوڻيڪ اتي 71ع واري واقعي بعد ماڻهن ۾ نفرت هئي، مونکي تڏهن احساس ٿيو ته اسان ڪيڏو ماڻهن سان ظلم ڪيو، اڄ وري اهڙو واقعو ورجايو پيو وڃي، ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جي سربراهه قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ چورن جي ٽولي کي تسليم نه ڪري رهيا آهيون، وفاق کي متحد تحريڪ انصاف رکي سگهي ٿي، جيڪڏهن فوج ملڪ کي متحد رکي سگهي ها ته ملڪ نه ٽٽي ها. عمران لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته مون فيصلو ڪيو آهي ته صحتياب ٿيڻ بعد اسلام آباد ڏينهن ٻيهر لانگ مارچ جو سڏ ڏيندس، جيستائين ڄاڻايل ٽئي ماڻهو استعيفا نٿا ڏين اوهان کي روڊن تي احتجاج ڪرڻو آهي، دين ظلم خلاف جهاد جو حڪم ڏئي ٿو، آئين اجازت ڏئي ٿو، هي ٽئي جيستائين استعيفا نه ڏيندا ڪيس اڳتي نه وڌندو جاچ اڳتي نه وڌندي ، سڀ ادارا هنن جي ماتحت آهن. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف واحد وفاقي پارٽي بچي آهي، هي 2 فيملي پارٽيون سڪي ويون آهن، آئون چيلنج ڪري سنڌ ويندس ۽ زرداري مافيا کي هارائي ڏيکاريندس، سنڌ ۾ ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ غلام بڻايو ويو، اهي آزادي چاهين ٿا،  ٻيو هن شريف خاندان کي چيلنج ڪريان ٿو ته ڪنهن به تڪ تي مون سان مقابلو ڪري ڏيکارن، سڀني چورن کي اين آر او ته ملي ويو آهي نوازشريف اچي پنجاب جي ڪنهن به تڪ تي مون سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪري ڏيکاري،هاڻ عوام سجاڳ ٿي ويو آهي.