لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ فوري روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ روڪرائڻ جي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت مختصر ٻڌڻي کانپوءِ گهرو وزارت، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ روڪڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته سومر تي سمورين ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڏينداسين.