لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي، ملڪ ۾ هنگامو نه پر امن امان چاهيون ٿا: چيف جسٽس

0
286

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن کي سياسي طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو، عدالت سياسي معاملن ۾ تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عمران خان جي لانگ مارچ خلاف سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا عمران خان جي لانگ مارچ لاءِ جاءِ جو تعين ڪيو ويو آهي؟، انتظاميه کان پڇاڻو ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي، عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي اڌ اڪلاڪ اندر انتظاميه کان پڇي ڪري ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو

ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿيڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته لانگ مارچ بابت انتظاميا ڇا ڪيو آهي؟

ان تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته انتظاميا کي پي ٽي آءِ طرفان اسلام آباد ۾ لانگ مارچ لاءِ خط مليو، انتظاميا پي ٽي آءِ کان تاريخ، وقت ۽ هنڌ پڇيو، جنهن جو جواب ناهي ڏنو ويو

هن چيو ته وزيرآباد واقعي کان اڳ پي ٽي آءِ خونريزي جون ڳالهيون ڪيون، واقعي بعد انتظاميا پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي

جسٽس عائشه چيو ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ڪيترن ئي ڏينهن کان هلي رهيو آهي، ڇا توهان انتظاميه سان رابطو ڪيو آهي؟ لانگ مارچ جي معاملي ۾ تڪڙ ڪهڙي آهي ۽ انتظاميه جي لاپرواهي ڪهڙي آهي؟

چيف جسٽس چيو ته لانگ مارچ سياسي مسئلو آهي جنهن کي سياسي طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو، اهڙن معاملن ۾ مداخلت عدالت لاءِ عجيب صورتحال پيدا ڪري ٿي ويندي آهي، توهان پنهنجي درخواست ۾ هڪ آڊيو جو ذڪر ڪيو ۽ ان آڊيو ۾ هٿيار آڻڻ جو ذڪر آهي، آڊيو سهي آ يا غلط هن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي

جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته احتجاج جو حق لامحدود ناهي، اهو آئين جي حدن سان مشروط آهي، جيڪڏهن آئين جي ڀڃڪڙي جو واضح خطرو هجي ته عدليه مداخلت ڪندي، حڪمن جي ڀڃڪڙي تي معاملو عدالت لاءِ پيچيده بڻجي ويندو آهي، عدالت جا حڪم عمل ڪرڻ لاءِ هوندا آهن

ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته هاڻ درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته هو امن امان جي بحالي لاءِ عدالت جي مداخلت چاهين ٿا، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا توهان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته صورتحال انتظاميه جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وئي آهي؟

عدالت چيو ته ڇا وفاق کي خبر ناهي ته پنهنجي ذميواري ڪيئن پوري ڪري؟ انتظامي معاملن ۾ سپريم ڪورٽ ڇا ڪري سگهي ٿي؟ رياست طاقتور ۽ بااختيار آهي

چيف جسٽس چيو ته اسان سمجهي سگهون ٿا ته توهان موجوده صورتحال تي پريشان آهيو، ملڪ ۾ هنگامو نه پر امن امان چاهيون ٿا، پر اهڙو حڪم نه ٿا ڏيڻ چاهيون جيڪو وقت کان اڳ هجي ۽ ان تي عمل نه ٿئي

ھي به پڙھندا

اهو ڪنهن کي حق ناهي ته هو هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي بيهي رهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

سپريم ڪورٽ لانگ مارچ خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي