اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي فتنو ۽ فساد مارچ قرار ڏيندي ان کي هر صورت ۾ روڪڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عمران خان ۽ ساٿين کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو، عمران خان قوم کي گمراهه سان گڏ ورهائڻ چاهي ٿو، مارچ جي آڙ ۾ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي،  وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي مارچ ۽ امن امان جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ رياستي رِٽ تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنايو ويندو، ڪنهن کي به اسلام آباد بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، امن امان ۾ رنڊڪ وجهندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي. ڌرڻن سان معيشت خراب ۽ پورهيت طبقو متاثر ٿيندو. اجلاس ۾  فيصلو ڪيو ويو ته مارچ جي موقعي تي ڪنهن به قسم جي تشدد يا اشتعال تي قانون حرڪت ۾ ايندو، ڌرڻن بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلن تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو، ڪابينا اجلاس کان پوءِ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله اتحادي پارٽين جي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مارچ کي خوني مارچ جو نالو نه ڏين ها ته اسلام آباد اچڻ جي اجازت ملي ها، فساد مارچ ۽ هٿياربندن جي جٿن کي اسلام آباد اچڻ کان هر صورت ۾ روڪيو ويندو، ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ته اسلام آباد اچي ڊڪٽيٽ ڪري، موقعو مليو ته عمران خان ۽ سندس ميمبرن کي به گرفتار ڪيو ويندو، هن چيو ته خاطري ڪرايان ٿو ته سڀاڻي شام تائين حالتون معمول تي اچي وينديون، هن چيو ته تحريڪ انصاف هاڻ گارين ۽ گولين تي لهي آئي آهي. هونئن ته هي وڏا بهادر لڳا وتندا آهن، پر هاڻي سندس سموري قيادت پشاور ۾ گڏ ٿي آهي، ڪير به پنهنجن گهرن ۾ ناهي، سموري ليڊر شپ ڪي پي ڪي جا سمورا وسيلا ۽ صوبائي فورسز ساڻ ڪري وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن، هي اتان وڏي جٿي جي صورت ۾ سڀاڻي اچڻ چاهن ٿا، اهڙو جٿو جنهن جي ڪا به آئيني حيثيت نه هجي، جيڪو سرڪاري وسيلن کي غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيو  هجي ان کي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين، هن چيو ته عمران خان قوم کي گمراهه سان گڏ ورهائڻ چاهي ٿو. عمران خان مارچ جي آڙ ۾ ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ذميواري حڪومت مٿان آهي ۽ هر قيمت تي اها ذميواري پوري ڪنداسين. هن جو چوڻ هو ته پر امن احتجاج ۽ اظهار راءِ سڀني جو حق آهي پر هي پر امن احتجاج ڪرڻ نه پيا اچن، هي ان کان پهريان به پر امن احتجاج جي نالو وٺي آيا هئا پوءِ جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي، هنن هڪ جاءِ تي محدود رهڻ جو معاهدو ڪيو پر اتي رڪجڻ بدران ريڊ زون ۾ داخل ٿيا، وزيراعظم هائوس جو گهيرو ڪيو، سول نافرماني لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪايو، وفاقي گهرو وزير چيو ته ايجنسين جي رپورٽ آهي ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ پرامن رکڻ جو ارادو ناهي، عمران کي ڪنهن به اسلا م آباد ۾د اخل ٿيڻ نه ڏينداسين، ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو ته حڪومت ڪنهن هڪ پارٽي جي ناهي. حڪومت جي نفعي ۽ نقصان جا ذميوار آهيون، ملڪ کي انارڪي کان بچائينداسين، عمران خان صدر پاران غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، جي يو آءِ اڳواڻ اسعد محمود چيو ته 2014ع واريون رعايتون هاڻ نٿيون ڏئي سگهجن، ان وقت به ڌرڻي جو مقصد ملڪي سياست ۽ معيشت تباهه ڪرڻ هو، پي ٽي وي، سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويو،

پشاور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اڄ پشاور کان لانگ مارچ جي قيادت ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هر حال ۾ اسلام آباد وينداسين، ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻنداسين،  عوامي سمنڊ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ لڙهي ويندا، هن وقت ڪنهن لاءِ نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ناهي، قوم نيوٽرلز ڏانهن واجهائي رهي آهي. پي ٽي آءِ لانگ مارچ روڪڻ جي حڪومتي فيصلي تي ردعمل ۾ پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عدليا ملڪ جي جمهوريت جو تحفظ نه ڪيو ته ان جي ساک ختم ٿي ويندي، جڏهن ته حڪومت پنهنجي غير قانوني قدمن سان فوج کي تڪراري بڻائي رهي آهي. عمران خان چيو ته ڏوهارين جي ڪابينا اهو غير قانوني فيصلو ڪيو آهي، بلاول ۽ مولانا اسان جي حڪومت ۾ لانگ مارچ ڪيو، اسان روڪڻ ته پري جي ڳالهه پر کين سهولتون ڏنيون، اڄ ادارن جو امتحان آهي، ادارن ۽ عدليا ملڪ جي جمهوريت جو تحفظ نه ڪيو ته انهن جي ساک ختم ٿي ويندي، ان جو مطلب هوندو هتي جمهوريت ناهي. هن چيو ته نيوٽرلز، ججن کان پڇان ٿو ته ڪهڙي حڪومت اهڙا قدم کڻندي آهي، سڀني لاءِ فيصلائتو وقت آهي، وچ ۾ هجڻ جو مطلب ڏوهارين جي مدد ڪرڻ آهي، سڄي قوم نيوٽرلز ڏانهن واجهائي رهي آهي، ملڪ تباهه ٿيو ته توهان به ذميوار هوندئو، توهان تي به ججمينٽ ايندي، جيڪي پاڻ کي نيوٽرل سڏرائن ٿا، انهن کي واضح ٿو چوان ته ملڪ جي سلامتي ۽ خود مختياري جو تحفظ ڪن. عدليا، ڪامورن، پوليس ۽ نيوٽرلز جو امتحان آهي ته اهي چورن سان گڏ آهن يا ملڪ جي حقيقي آزادي سان گڏ آهن؟ عمران خان چيو ته بدقسمتي سان فاشسٽ حڪومت جي غلط ۽ غير قانوني ڪمن تي عوام جو نزلو فوج ۽ ادارن تي ڪِري رهيو آهي، بيورو ڪريسي ۽ پوليس کي خبردار ٿو ڪيان ته اسان هڪ هڪ کي ڏسي رهيا آهيون، هڪ هڪ جو نالو نوٽ ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي بنياد تي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، حمزا شهباز ته وڏو وزير آهي ئي نه، اهو ته سڀاڻي لهي ويندو. عمران خان چيو ته موجوده حڪومت ۽ ڊڪٽيٽرن ۾ ڪو فرق ناهي، فاشسٽ حڪومت گذريل رات اسان جي خلاف ڪارروائيون ڪيون، اسان جو احتجاج پرامن آهي پوءِ ڪارروائيون ڇو؟ هن چيو ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي پوءِ به نڪري رهيو آهيان، ڪا پرواهه ناهي، ڏوهارين جي حڪومت کي مڃڻ ۽ انهن جي غلامي کان موت بهتر آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڄ خيبر پختونخواهه مان جلوس وٺي اسلام آباد روانو ٿيندس، جيڪو روڪڻ چاهي روڪي ڏيکاري، عوامي سمنڊ کي  ڪير روڪي نٿو سگهي، نه پوليس نه رينجرز، هر حال ۾ اسلام آباد وينداسين، روڪيو ويو ته عوامي سمنڊ سڀني کي لوڙهي ڇڏيندو، عمران خان چيو ته اڄ پوري قوم جو به امتحان آهي ته اها چورن سان گڏ آهي يا حقيقي آزادي جي تحريڪ سان گڏ آهي؟ اوهان کي هن سياست نه سمجهو، هي جهاد آهي، آزادي جي جنگ آهي، سڄي قوم هن آزادي جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ نڪري، هي موبائل سروس بند ڪن يا رڪاوٽون وجهن، اوهان کي هر شئي جي تياري ڪرڻي آهي، جيستائين امپورٽڊ حڪومت ختم نه ٿيندي تيستائين هي تحريڪ هلندي.  هن چيو ته اسان ڪڏهن پنهنجي عوام يا پوليس کي نقصان ناهي پچايو، پوليس کي استعمال ڪري اسانجي ماڻهن کي جيل ۾ وڌو ويو،  اهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ڄڻ اسان ملڪ جا غدار آهيون، جسٽس ناصره اقبال جي گهر تي حملو ڪيو ويو. نوجوان رڪاوٽون هٽائڻ سميت هر شئي لاءِ تيار رهي، اڳوڻي وزيراعظم سازش جو ذڪر ورجائيندي چيو ته نوازشريف لنڊن ۾ ويهي سازش ڪئي، هتي ويٺل ميرجعفر حڪومت ڪيرائي، آمريڪا جي غلامن ۽ چورن کي قوم کي مڙهيو ويو، قوم چورن ۽ امپورٽڊ حڪومت کي ڪڏهن قبول نه ڪندي.