مريدڪي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران ڪارڪن پاڻ ۾ وڙهي پيا، هڪٻئي کي ڪرسيون وهائي ڪڍيون، لتن، مڪن ۽ ڏنڊن جو وسڪارو ڪري ڏنو، انتظاميا اوچتي جهيڙي تي پريشان ٿي وئي، لانگ مارچ جي انتظاميا لائوڊ اسپيڪر تي چوندي رهي ته گرمي گهڻي آهي، پيار محبت سان گڏ ويهو پر ڪنهن نه ٻڌي ۽ مارڪٽ جاري رکي.