لاهور (م ڊ) مريم نواز چيو آهي ته عمران خان لانگ مارچ حڪومت نه اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪري رهيو آهي، ادارن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته عمران ملڪ جو وڏو فتنو آهي، خدارا ان کي روڪيو. ملڪ جي استحڪام لاءِ حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان حڪومت نه اسٽيبلشمينٽ خلاف مارچ ڪري رهيو آهي، هو مير جعفر، مير صادق شهباز شريف ۽ نواز شريف کي نه پر  اسٽيبلشمينٽ کي چوندو آهي، نوازشريف جو نالو ناهي وٺندو، هي ملڪ کي سري لنڪا بڻائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن پر هي ملڪ بلڪل سري لنڪا نه بڻجندو، مارچ وارن کي خبردار ڪندي مريم نواز چيو ته گهران نڪرڻ وقت سوچجو، جيڪڏهن فتني بازي جي ايجنڊا آهي ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله آهي، راڻا ثناءُ الله کي ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ڪرڻ ايندي آهي. هنن وٽ هٿيار به آهن، آنسو گيس به آهن، ڏنڊا به آهن هي رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهين ٿا. هنن جيئن اهلڪار ڪمال احمد کي شهيد ڪيو ان سان سندن ارادا کليل نموني سامهون اچي ويا آهن. هن چيو ته لاهور ۾ پوليس اهلڪار ڪمال احمد جي قتل جو ذميوار عمران خان آهي، جيڪو سبق ڏيڻ چاهي ٿو ان مان اهو ئي ٿيڻو هو. جنهن حملو ڪيو ان کي ۽ ان جي ماسٽر مائنڊ عمران خان کي نه ڇڏيو ويندو. مريم نواز چيو ته عمران جي پٽن قاسم ۽ سليمان ۽ پوليس جي سپاهي جي ٻارن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ عمران پنهنجا ٻار بغل ۾ لڪائي ڇڏيا آهن قوم جي ٻارن کي چوي ٿو ته آزادي لاءِ مارچ ڪريو، تنهنجي ٻارن جي گلي ۾ جيڪو برطانيا جي تاج جو طوق آهي اهو لاهي ڦٽو ڪرايو ۽ هو به اچي ڏنڊا کائين. آئون ته پاڻ فرنٽ لائن تي هوندي هيس. ڇا امپورٽڊ شين تي پابندي سبب عمران جا ٻار پاڪستان نه اچي رهيا آهن؟ هن چيو ته قوم کي ٻڌايو ڪهڙي آزادي؟ توهان فرح گوگي جو نالو آزادي رکيو آهي. ڇا پنجاب جو حڪمران حمزه شهباز نه آهي ته پوءِ عثمان بوزدار، فرح گوگي ۽ احسن جميل گجر آهي؟ پنجاب جي عوام عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي ۽ احسن جميل گجر کان پنهنجو مينڊيٽ کسي حمزه شهباز، شهباز شريف ۽ نواز شريف کي ڏنو آهي. هاڻ فيصلا تنهنجي خواهش تي نه پر جئين عوام ۽ حڪومت چاهيندا ڪندا. هاڻ فيصلا نواز شريف ۽ شهباز شريف ڪندا، عمران خان ابتو ٽنگجي کيس ڪجهه نه ٿيندو عمران جو نالو مجبوري مان وٺندي آهيان پر 70 سالن جي ڄمار ۾ خصلتون تبديل نه ٿينديون آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد کي گرفتار نه ڪيو ويندو، هوءَ ڪينسر جي مريض آهي، پر ان ڳالهه جو هوءَ به خيال رکي ته ڪنهن ڏڦيڙ جو حصو نه بڻجي. نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته ادارن لاءِ پيغام آهي ته عمران پنهنجي ڪرسي جي ڪري قوم جي ٻارن کي مارائڻ چاهي ٿو، عمران پاڪستان جو سڀ کان وڏو فتو آهي، قرآن ۾ فتني کي منهن ڏيڻ جو سبق موجود آهي، سمورا ادارا به هن فتني کي سڃاڻن، اسان کي، عدليا کي، فوج جي آفيسرن، سندن ٻارن کي هن ملڪ ۾ ئي رهڻو آهي، ملڪ کي فتني کان بچائڻ گهرجي، سڀني کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. عمران خان عدليا سميت سمورن ادارن ۽ انهن جي سربراهن کي گاريون ڏنيون آهن، عدليا کي به سوچڻ گهرجي، عدليا کي اها روايت نه وجهڻ گهرجي، ته جيڪو شخص عدليا، فوج ۽ ادارن کي وڌيڪ گاريون ڏيندو ان ڱي ئي انصاف ملندو، اهو تاثر قائم ڪيو ويندو، هن فتني شر جنهن جو نالو عمران خان آهي ان کي روڪيو وڃي. عمران کي نه ادارن جي تذليل ۽ نه ئي دٻاءُ وجهڻ جي اجازت ڏني ويندي. ثاقب نثار عبرت جو نشان آهي، انصاف جي ڪرسي تي ويٺل هر شخص کي سندس چهرو ياد رکڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته پاڪستان جي استحڪام لاءِ حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي، جڏهن اليڪشن جو وقت ايندو ته ڏٺو ويندو، هاڻي اليڪشن نه ٿي رهي آهي، فيصلا آئين ۽ قانون موجب ٿيندا، هنن کي پوري طاقت سان روڪينداسين، وزيراعظم ڪمزوري نه ڏيکاريندو، سڀ کان وڌيڪ انٽيليجنس ۽ معلومات شهبازشريف وٽ آهي، جيڪڏهن گورنر آئين لتاڙي ٿو ته ان کي گهر ۾ گهڙي گرفتار ڪرڻ گهرجي. ڪابينا ضمانتن تي هجڻ بابت مريم نواز چيو ته سڄي ڪابينا ضمانتن تي ان ڪري ناهي ته ان ڪي ڏوهه ڪيا آهن، ڪابينا ميمبر ضمانت تي ان ڪري آهن جو عمران خان انهن تي ڪوڙا ڪيس ڪيا هئا، عمران خان اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي کي گهرائي چيو ته شهبازشريف خلاف ڪيس ڪريو. اينڪر پرسن معيد پيرزادي پاران نوازشريف خلاف ڪيس کي شڪي قرار ڏيڻ ۽ ان ۾ استعمال ٿيڻ واري اعتراف تي نواز ليگ جي نائب صدر چيو ته معيد پيرزادي جو اقرار سٺي سٺي ڳالهه آهي پر اسان کي سندس شاهدي جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ 22 ڪروڙ عوام شاهد آهي ته نوازشريف سان غلط ٿيو، هڪ ڏينهن اهو به ايندو جو عمران خان پاڻ به اعتراف ڪندو ته نوازشريف خلاف آئون استعمال ٿيو هيس، هي سڀ ڳالهائيندا، سچ کي هڪ ڏينهن سامهون اچڻو آهي.