اسلام آباد (بيورو رپورٽ) لانگ مارچ تي دهشتگرد حملو ٿي سگهي ٿو،  گهرو وزارت پي ٽي آءِ کي آگاهه ڪري ڇڏيو، وفاقي گهرو وزارت لانگ مارچ ۾ دهشتگردي جي خدشن بابت پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي خط موڪليو، گهرو وزارت طرفان موڪليل خط ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن جو حوالو ڏنو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد تنظيمون پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ تي دهشتگرد حملو ڪري سگهن ٿيون، گهرو وزارت خط ۾ خبردار ڪيو آهي ته عوامي جلسي ۾ آپگهاتي يا بم ڌماڪو ٿي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ راولپنڊي ۾ عوامي جلسو ملتوي ڪري. هوڏانهن اسلام آباد پوليس 26 نومبر تي فيض آباد کي مڪمل بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف جي آزادي مارچ جي حوالي سان آءِ جي اسلام آباد جي صدارت ۾ پوليس آفيسرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 26 نومبر تي فيض آباد کي مڪمل بند ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٽريفڪ لاءِ متبادل پلان هوندو، شهر جي ٽريفڪ رواني رهندي، فيض آباد بس اڏو ۽ مارڪيٽ جلسي دوران بند هوندي، آءِ جي پي روڊ کي ٽريفڪ لاءِ استعمال ڪيو ويندو، فيض آباد تي پوليس، ايف سي ۽ رينجرز جي نفري مقرر هوندي، ايف سي جا وڌيڪ 1500 اهلڪار گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، واضح رهي ته پي ٽي آءِ پاران 26 نومبر تي پنڊي ۾ مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي.