ڪراچي (نمائندن وٽان) حڪومت خلاف لانگ مارچ اڄ ٿيندو، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کان اسلام آباد ويندڙ رستا بند، صوبي جو ڪي پي ڪي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، پنجاب جي گهرو وزارت جي ذريعن موجب صوبي جي سڀني ضلعن جا اندريان ۽ ٻاهريان رستا بند ڪيا ويا آهن، جنهن تحت اسلام آباد ويندڙ سمورن رستن کي سيل  ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب صوبي جي سمورن ضلعن کان اسلام آباد ويندڙ ٽرانسپورٽ به بند ڪئي وئي آهي، ڪوبه شخص لانگ مارچ لاءِ ضلعي کان ٻاهر نه نڪري سگهندو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ سمورن ٽرانسپورٽرن کي به گاڏيون نه ڪڍڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ فيض آباد جي علائقي ۾ ڪنٽينر پهچايا ويا، جڏهن ته جي ٽي روڊ تي درياءَ جهلم جي پل تي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب جي ٽي روڊ کان اسلام آباد ويندڙ رستو بند ٿي ويو آهي، ذريعن موجب جي ٽي روڊ کي اٽڪ خورد واري هنڌ تان بلاڪ ڪيو ويو آهي، جنهن سان ڪي پي ڪي جو پنجاب سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ان کان علاوه موٽروي ايم ون کي اسلام آباد ويندي صوابي واري هنڌ تان بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موٽروي لاهور کان راوي ٽول پلازه تي به ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاهور ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ ۽ لاهور سميت پنجاب جي 350 کان وڌيڪ علائقن ۾ اچ موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صوبي ۾ قلم 144 پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ خلاف پوليس جو سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب هن وقت تائين 247 کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ايم پي او تحت جيل موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اڪثر اڳواڻ روپوش ٿي ويا، لاهور مان ميان محمود الرشيد کي گرفتار ڪيو ويو، اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت،اسيمبلي ميمبر اعجاز خان، واثق قيوم، چوڌري امجد، چوڌري عدنان، راجا راشد حفيظ جي گرفتاري لاءِ پاڇا هنيا ويا پر انهن مان ڪوبه گرفتار نه ٿيا. پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ، حماد اظهر، فردوس عاشق اعواڻ، علي نويد ڀٽي، جمشيد اقبال چيمه، ايم پي اي ملڪ نديم بارا، ياسر گيلاني، ميان اسلم اقبال، ايم پي اي سعديه سهيل، اعجاز چوڌري، ميان اڪرم عثمان، عقيل صديقي، اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري لاهور عامر رياض قريشي، يوسي چيئرمين اميدوار شيخ محمد حيدر صاحب ۽ ٻين جي رهائشگاهن تي ڇاپا هنيا ويا. قصور ۾ پوليس ايم اين اي جي ٽڪيٽ هولڊر سردار راشد طفيل جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو، سردار راشد گهر ۾ موجود نه هو، ٻئي طرف ياسر گيلاني  جي گهر تي ڇاپي دوران سادن ڪپڙا ۽ پوليس وردي پهريل اهلڪارن گهر جو دروازو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس شيراڪوٽ ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ سعيد احمد خان جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو. پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو ، سوين ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ذولفي بخاري جي گرفتاري لاءِ گهر تي ڇاپو، گهر ۾ نه هجڻ سبب گرفتار نه ٿي سگهيو، ذلفي بخاري اڄ اٽڪ کان ريلي جي قيادت ڪندو،  لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ ڇاپي دوران هڪ گهر جي ڇت تان فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهڪار مارجي ويو. ڊي آءِ جي آپريشنز سهيل چوڌري موجب پوليس شهر ۾ جاري ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان گهر تي گوڙ ڪرڻ تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران گهر جي ڇت تان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي ڪمال احمد سخت زخمي ٿي پيو. زخمي اهلڪار کي فوري طور امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو. پوليس فائرنگ جي الزام ۾ گهر جي مالڪ ساجد ۽ ان جي پٽ مڪرم کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ماڊل ٽائون ۾ پوليس جي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ اهلڪار جي شهادت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب پوليس ڪرائي داري ايڪٽ جي معاملي تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران ساجد نالي شخص جي گهر جي ڇت تان ڪنهن فائر ڪيو. ڪراچي  ۾ پوليس  تحريڪ انصاف جي مختلف اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هڻي پي ٽي آءِ ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري سيف الرحمان محسود ۽ استعيفا ڏيندڙ ايم اين اي عطاءُ الله ايڊووڪيٽ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ بلال غفار، شهزاد قريشي، ارسلان تاج، سعيد آفريدي  ۽ شاهنواز جدون جي گهرن تي به ڇاپا  هنيا پر اهي پنهنجن گهرن ۾ نه هئا. پوليس ڪياماڙي ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي شاهنواز جدون جي گهر تي ٻيهر ڇاپو هڻي سندس ننڍي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو، هوڏانهن اسلام آباد ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. وفاقي گهرو کاتي ريڊ زون جي سيڪيورٽي لاءِ فوج کي طلب ڪري ورتو آھي، ميڊيا رپورٽن موجب ايوان صدر، وزيراعظم هائوس ۽ سپريم ڪورٽ سميت ريڊ زون ۾ موجود عمارتن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر هوندي. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزارت سموري صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جنهن جي تحت 5 يا وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي پابندي هوندي.