ميرپورخاص (بيورورپورٽ) عمرڪوٽ ۾ هڪ مهينو اڳ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران ڌرڻو هڻڻ دوران پوليس  سان چڪرين ۾ گرفتار 7 پي ٽي آءِ ڪارڪنن لوڪيش مالهي، پون مالهي، پريم مالهي، نريش، ڀگوان داس ۽ قمرالدين راهمون جي عدالت 50 – 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالهي جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض 30 جون تائين عبوري ضمانت اي ٽي سي ميرپورخاص مان منظور ٿي وئي، لال مالهي پارٽي اڳواڻ آفتاب قريشي جي رهائش گاه تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو مقابلو چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اُميدوارن سان نه پر حڪمران پارٽي سميت پوليس، ڊي آر او ۽ آر اوز سان آھي، جيڪي سرڪاري مشنينري استعمال ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ  جي اميدوارن توڙي حمايتن ۽ اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جن جا جاچ ڪرائي وڃي،