لال لال لاهور ،سنڌ جو ڪيس ۽ ٻه تقريرون

0
521
لال لال لاهور ،سنڌ جو ڪيس ۽ ٻه تقريرون

 جنهن وقت لاهور جي رستن تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا، ان وقت سنڌ ۾ ڳاڙهي جهنڊي جي مالڪي جا دعويدار مذهبي بنياد پرستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهن کي نه رڳو هٿي ڏئي رهيا هئا پر  انهي  چوڻي  “پرائي دهل تي احمق نچي” جو شاندار عملي نمونو پيش ڪري رهيا هئا.سنڌ جيڪا پاڻ کي ملڪي سياسي شعور جو امام سمجهندي هئي اها هن وقت ڪٿي پهتي آهي؟ ڇا  ان کي پنهنجي سياست جو جائزو نه وٺڻ گهرجي جو ڪجهه دوستن کي اهڙا سوال پڇڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي  ته “ڪميونسٽن ۽ قومپرستن جو آخري قبرستان آخر  پيپلزپارٽي ڇو.”لاهور ۽ سنڌ جو رشتو اهڙو آهي جيڪو ڪڏهن به هڪٻئي سان جڙي نه سگهيو آهي،

ان ۾ ڏوهه سنڌ جو نه پر لاهور جي انهي شعور جو هو جيڪو پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندي به سدائين اقتداري ڌرين جو ساٿاري رهيو جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي “قومي مفاد” واري نيريٽو کي ٿوڻيون ڏيندي نظر آيو، تنهن ڪري  ڪڏهن رسول بخش پليجو کي لاهور ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ “مسلم امه” واري نيريٽو جا بکيا اڊيڙڻا پيا ته ساڳئي وقت اسٽيبلشمينٽ جي قومن جي دشمن ڪردار جا ڇوڏا لاهڻا پيا ۽ ڪڏهن ڄام ساقي کي  پنهنجي “ٻولي” ۽ “پينڊو ثقافت” کي ڌتاريندڙ  پنجاب کي ثقافتي طور محروم ۽مظلوم هئڻ جا طعنا ڏيڻا پيا پر جڏهن لاهور ڪر موڙيندي پنهجي انهي داغدار ماضي مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سنڌ وري پنهنجي شاندار ماضي مان هٿ ڪڍندي نظر اچي رهي آهي.

ڇا سنڌ جي ماضي جي جدوجهد رڳو اقتدار ۾ حصو وٺڻ ۽ طاقتور ڌرين جو آشيرواد وٺڻ لاءِ هئي جو اڄ جا انقلابي عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ جي نالي تي طاقتور ڌرين کي آشيرواد نه ملڻ تي  مهڻا ۽ ميارون ڏيندي اهو به وساري ٿا ويهن ته ڪٿي  اهي سنڌ خلاف سلطاني گواهه ته نه بڻجي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته “دل توڙني والي ديک ڪي چل، هم ڀي پڙي هين راهون مين.” اها ڪا اڄ جي ڳالهه يا اوچتو لقاءُ  آهي ڇا جو ڪير سمجهي نه سگهي ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار اقتداري سياست ۾شروع کان ڪيترو رهيو آهي؟ ۽ انهي ڪردار کي ختم ڪرڻ لاءِ جمهوري ۽ترقي پسند ڌرين سدائين قربانيون ڏنيون نه ڪي انهن کان “ڊيو شيئر” گهريو.

ڇا سنڌ جو ڪيس رڳو انتظامي ۽ حڪمراني جي بحران تائين محدود آهي يا اهو ڪيس هڪ يونٽ جي فيڊريشن سان تعلق سان ڳنڍيل آهي؟اسان ايترا سادا ته ناهيون جو مير چواڻي “مير ڪيا سادا هين بيمار هوئي جس ڪي سبب،اسي عطار ڪي لونڊي سي دوا ليتي هين.”جنهن ڪانفرنس ۾ محسن داوڙ کان وٺي علي احمد ڪرد تائين سڀ هن نظام جي خرابين جي پاڙ تي ڳالهائي رهيا هئا  ۽ ٻڌائي رهيا هئا ته جيڪڏهن وفاق کي هلڻو آهي ته نئون سوشل ڪانٽريڪٽ ڪرڻو پوندو جنهن سان ئي هن وفاق کي بچائي سگهبو، اتي سنڌ جو ڪيس پيش ڪندڙن جو سڄو زور اهو هو ته جيڪو آشيرواد جو هٿ انهن ڪرپٽ ماڻهن تي رکيل آهي اتان هٽائي اسان جي مٿي تي نه رکيو ويو ته پوءِ اهي جيڪي پويان  ويٺا آهن جيڪي ٻاهرين طاقتن ذريعي مينيج ٿي ويا ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اهو سنڌ جو ڪيس رکڻ هو يا سنڌ خلاف سلطاني شهادت؟ ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ اسان کي رسول بخش پليجو ٻڌائي ويو هو ته سنڌ ۾ جيڪو ٺش ٺش ڪري ماحول خراب ڪيو پيو وڃي اها سڄي ڪارستاني  ايجنسين جي آهي ته جيئن اهي سنڌ جي پرامن جمهوري جدوجهد کي چٿي سگهن.Give the dog bad name and hang him .

اچو ٿورو ماضي طرف هلون ته  سنڌ جو ڪيس ڪيئن پيش ٿيندو هو ۽ هاڻي اسان اچي ڪهڙي سطح تي پهتا آهيون.؟ لاهور جي اها مشهور تقرير جنهن جي رسول بخش پليجو صاحب جا سخت  مخالف به ساراهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا. سڄي جو سڄي سنڌ جو ڪيس ۽ نيريٽو هئي، جنهن لاءِ ماضي ۾ سڀني ڌرين الڳ الڳ پليٽ فارم تي هوندي به ويڙهه وڙهي.رسول بخش پليجوصاحب به  ان وقت انهن طاقتور ڌرين ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان ئي مخاطب هو پر ان جي مخاطب ٿيڻ جو انداز اهو نه هو ته هنن کي ڇڏيو اسان کي وارو ڏيو.پليجو صاحب ته چئي رهيو هو سنڌ جي سڀني سورن جا ذميوار اوهان ئي آهيو.

اوهان ٿيندا ڪير آهيو جيڪي ويهي ملڪي معاملن جا فيصلا ڪيو؟ ها طاقت جي زور تي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيو ان جو نتيجو نڪرندو. ڪٿي به اهو اظهار نه هو ته هي جيڪي ويهاريا اٿئو انهن کي ڇڏي اسان ڏانهن به نهاريو، ڇاڪاڻ ته رسول بخش پليجو صاحب سنڌ جو ڪيس وڙهي ۽ پيش ڪري رهيو هو اقتدار جي ڪرسي لاءِ ميار نه ڏئي رهيو هو. انهي تقرير جي سٽ سٽ، لفظ لفظ ۾ سنڌ جو ڪيس هو ۽ اسٽيبلشمينٽ کي تنبيهه ته اوهان ٿيندا ڪير آهيو جيڪي ويهي فيصلا ڪيو.جنهن به اها سڄي تقرير ٻڌي هوندي ان کي اندازو هوندو ته سنڌ جو ڪيس ڪيئن پيش ٿي رهيو هو .

 هاڻي اچو انهي ٻئي تقرير تي جيڪا به لاهور ۾ ئي ٿي آهي، اها به سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ جي نالي ۾، جنهن جي واهه واهه به ٿي رهي آهي  پر ڇا سنڌ جو ڪيس فيڊريشن سان اهو آهي ته اوهان ڪرسي تي ڪنهن کي ويهاريندئو؟ ڇا سنڌ جو ڪيس اهو آهي ته ڪهڙي پارٽي کي حڪومت مان ڪڍي ڪهڙي پارٽي کي حڪومت ۾ آندو وڃي؟ سنڌ جي سگهه ته اها مزاحمت ئي هئي جنهن کان ڊڄي اسٽيبلشمينٽ پ پ کي اقتدار جو لالي پاپ ڏنو ۽ مفاهمت جي نالي ۾ انهي مزاحمت کي ونگ وڌا ويا،پر ڇا سنڌ رڳو انهي پيپلز پارٽي جو نالو آهي جيڪا اقتدار ۾ اچي  ڪرسي وٺي سنڌ جي ڪيس جي نالي ۾ بارگيننگ ڪري سنڌ جو ڄور وانگر رت چوسي رهي آهي؟ڇو اسان ڊڄي رهيا آهيون عوام وٽ وڃڻ کان، ڇو اسان ۾ اها طاقت ناهي رهي ته انهي پيپلز پارٽي کي للڪاريندي انهي کي سگهه بخشيندڙ اسٽيبلشمينٽ کي به اکيون ڏيکاريون، بجاءِ ان جي جو ان کي منٿون ڪيون ته پيپلزپارٽي کي جهولي مان اڇلائي اسان کي ويهاري .

جڏهن اوهان سوديبازي جي سياست ڏانهن اچو ٿا ته اسٽيبلشمنيت ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو ٿا ۽ اقتداري سياست ۾ اوهان جي ڪا به حيثيت نه هجڻ ڪري وڌيڪ ڪمزور پوزيشن ۾ هجو ٿا ۽ پوءِ ميارون ۽ منٿون ڪيو ٿا.  ڇاڪاڻ ته انهي اسٽيبلشمينٽ کي ڏيڻ لاءِ اوهان وٽ ڪجهه به ناهي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿا آسرو ڪيو ته جيڪا اسٽيبلشمينٽ پنهنجي شرطن تي سويبازي ڪندي رهندي  اها اوهان کي ڪجهه ڏئي سگهندي۽ انهي ۾ وري سنڌ جو به فائدو هوندو.؟ ڇا حيدر بخش جتوئي کان وٺي جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، فاضل راهو ۽ ڄام ساقي، هر دور تائين انهي مزاحمت مان هٿ ڪڍيا يا انهن ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي ميارون ڏنيون؟ڇاڪاڻ ته هو سمجهندا هئا ته برائي جي جڙ اها اسٽيبلشمينٽ ئي آهي انهي کي پاڙان پٽڻ کانسواءِ سنڌ جو ڀلو نه ٿيندو،انهي جو حل اهو هو ته عوام سان مخاطب ٿجي بجاءِ جو انهي اسٽيبلشمينٽ ڏانهن نهارجي تنهن ڪري اها سنڌ ملڪي سياست جي امام به هئي ته ڳاڙهن جهنڊن جو وطن به .

تڏهن ته شيخ اياز چيو هو ته “هي ڳاڙهو جهنڊو مستي ۾، ڀل جهولي پنهنجي وستي ۾”،جڏهن اوهان اسٽيبلشمينٽ ڏانهن جهوتون هڻندا ته هنن وٽ پنهنجا کوڙ ڪارڊ پيا آهن ۽ مذهبي بنياد پرستن کان وڌيڪ هنن لاءِ ڪارائتو ڪو ڪارڊ ئي ناهي جنهن جو نمونو ٻه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جو اهو جلسو آهي جنهن ۾ ڳاڙهن جهنڊن وارا به کين ڀاڪر پائي ڄڻ ته  اهو پيغام ڏئي رهيا هئا ته سنڌ ۾ متبادل جي سياست اوهان جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان پنهنجي هار مڃي ڇڏي. ڇا سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست کي پنهنجو ڇيد نه ڪرڻ گهرجي ته هو پنهنجي مزاحمت جي سياست ڇڏي مفاهمت واري سياست ڏانهن وڃي متبادل ڪيئن ٿيندي؟ ڇاڪاڻ ته متبادل ته مزاحمت ئي آهي.

جنهن وقت لاهور جي رستن تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا، ان وقت سنڌ ۾ ڳاڙهي جهنڊي جي مالڪي جا دعويدار مذهبي بنياد پرستن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهن کي نه رڳو هٿي ڏئي رهيا هئا پر انهي  چوڻي “پرائي دهل تي احمق نچي” جو شاندار عملي نمونو پيش ڪري رهيا هئا. سنڌ جيڪا پاڻ کي ملڪي سياسي شعور جو امام سمجهندي هئي، اها هن وقت ڪٿي پهتي آهي؟ ڇا  ان کي پنهنجي سياست جو جائزو نه وٺڻ گهرجي جو ڪجهه دوستن کي اهڙا سوال پڇڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي  ته “ڪميونسٽن ۽ قومپرستن جو آخري قبرستان آخر  پيپلزپارٽي ڇو.”