راولپنڊي (م ڊ) اويڪيو ٽرسٽ پاران لال حويلي سميت 7 ايراضي يونٽس تي غيرقانوني قبضن تي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي آخري موقعو ڏيندي ٻڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اويڪيو ٽرسٽ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر شيخ رشيد کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. اويڪيو ٽرسٽ جي زونل آفيس ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران شيخ رشيد جي وڪيل ايڊووڪيٽ سردار شاهه زيب ۽ سندس سيڪريٽري پيش ٿي نئون وڪالت نامو جمع ڪرايو ۽ استدعا ڪئي ته دستاويزن جي تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي. ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر وڪيل جي استدعا رد ڪندي شيخ رشيد کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو پر شيخ رشيد کي ٽي بجي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو پر هو پيش نه ٿيو جنهن تي کيس آخري موقعو ڏيندي 21 سيپٽمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.