ڪراچي (شوبز نيوز): عيدالفطر تي ميگا بجيٽ فلم ”هوئي تم اجنبي“ سميت 5 پاڪستاني فلمون سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون. ايڪشن ۽ رومانس سان ڀريل نين فلمن ۾ ليکڪ ۽ هدايتڪار ڪامران شاهد جي فلم ”هوئي تم اجنبي“ جي ڪهاڻي پيار جي انمول رشتي ۾ ٻڌل ڍاڪا يونيورسٽي جي ٻن شاگردن جي چوڌاري گهمي ٿي، ان فلم ۾ ميڪال ذوالفقار ۽ سعديه مک ڪردار نڀايو آهي. هدايتڪار فيصل قريشي جي فلم ”مني بيڪ گارنٽي“ ۾ فواد خان، افضل خان سميت ٻيا اداڪار شامل آهن، ان ئي فلم ۾ وسيم اڪرم پهريون ڀيرو پنهنجي گهرواري سان گڏ نظر ايندو. شاهد راڻا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ”لاهور قلندر“ پنهنجا روايتي رنگ وکيريندي، فلم جي ڪاسٽ ۾ صائمه نور، بنٽو بٽ، شفقت چيما سميت ٻيا فنڪار شامل آهن. ان کانسواءِ عيدالفطر تي پاڪستاني فلم ”دادل“ ۽ ”دوڙ“ به رليز لاءِ پيش ڪيون ويون آهن.