لاليگا: ليوانٽي ۽ رايو وياڪانو وچ ۾ مقابلو برابر

0
176

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) اسپينش فٽبال ليگ لاليگا ۾ ليوانٽي ۽ رايو ويا ڪانو وچ ۾ ميچ هڪ هڪ تان برابر ٿي وئي. ليوانٽي جي ٽيم پهرين هاف ۾ سٺي راند جو مظاهرو ڪندي رايو ويا ڪانو تي حاوي رهي، ليوانٽي جي راجر مارٽي 39 منٽ ۾ گول اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري. ٻئي هاف جي آخري گهڙي ۾ رايو ويا ڪانو جي رانديگر سرجي گارڊيولا گول ڪري ليوانٽي جي برتري ختم ڪئي ۽ ميچ هڪ هڪ تان برابر ٿي وئي.