لاقانونيت جي راڄ ۾ ٻن نوجوانن جو ناحق خون

0
113
لاقانونيت جي راڄ ۾ ٻن نوجوانن جو ناحق خون

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ موبائل ڪمپني جي ٻن ملازمن انجنيئر جاويد ۽ ڊرائيور اسحاق پهنور کي انتهائي بيدردي سان ڏنڊن سرين ۽ پٿرن جو استعمال ڪندي قتل ڪيو ويو. هي ٻئي مقتول سنڌ جي ٻن اهم ضلعن ٺٺي ۽ نوشھرو فيروز سان تعلق رکن پيا، جڏهن ته ھن واقعي ۾ ملوث ڪو هڪ ٻه ماڻھو ذات برادري نه پر ھي هڪ وڏو انبوھ ھو، جن وٽ ڪو به ماڻھپو ۽ اخلاقي قدر نه هو. هي عدم برداشت جو هڪ المياتي اظھار هو، هن سفاڪ قاتلن جي هجوم ٻن بيگناھ ۽ معصوم جسمن تي انتهائي سنگين ۽ خطرناڪ وار ڪيا جنهن سبب هو شھيد ٿي ويا. هتي سوال اهو اهم ناهي ته ھجوم کان قتل ٿيو يا ڪنهن مخصوص ٽولي کان پر هتي انتهائي اهم ۽ بنيادي سوال اهو آھي ته ھنن سفاڪ قاتلن جي تاريخ قتل وغارت سان ڀري پئي آھي. هنن جا رت هاڻا خوني چنبا سدائين معصومن جي خون سان لال رهيا آھن. هي دهشت ۽ وحشت جا وڏا هيراڪ آھن. هنن جو ڪم ئي هر دور ۾ هر ملڪ اندر جابر قوتن جي اشاري تي انسانيت جو قتل ڪرڻ رهيو آھي. هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قت آھي پر افسوس پاڻ جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اتي ناهن انساني قدر ۽ نه ڪو قانون آھي.

ڳچ عرصي کان وٺي ڌارين جي شڪل ۾ سنڌين مٿان اها ڏاڍ ۽ ڏمر جي تلوار لٽڪيل رهي آھي. سنڌي سدائين پنهنجي ئي ديس ۾ اوپرا بڻايا ويا آھن. ميڪاولي چوندو هو ته “جنهن به خطي تي قبضو ڪريو ته پهرين اُن جي شهرن کي تباهه ڪريو. اتي پنهنجي ماڻهن کي آباد ڪريو ڇاڪاڻ ته قبضي کي برقرار رکڻ لآءِ شهرن ۽ علائقن جي تباهيءَ کانسوآءِ ٻيو ڪو به يقيني طريقو ڪونهي. اھڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪو حاڪم ڪنهن آزاد شهر تي قابض ٿئي ٿو، ۽ اُن کي تباهه نٿو ڪري ته پوءِ کيس ذهن نشين هئڻ گهرجي ته اها غلطي سندس پنهنجي تباهي آڻيندي.” انهيءَ مٿين اصول تحت ئي اسان جي ڌرتيءَ جي شهرن ۽ علائقن کي تباھ ڪيو پيو وڃي. وڏي عرصي کان بلڪه انگريز سامراج جي دور کان اسان وٽ سيٽلر ڪالونائيزيشن ۾ اڀار آندو ويو، انهن جي ڊيموگرافيءَ کي ڌچڪا ڏئي تبديل ڪيو ويو ۽ ڌاري آبادڪاريءَ جي ڇِپ ڪيرائي وئي. هونئن به قومن کي غلام رکڻ ۽ سندن وجود کي چٿڻ لآءِ ڌاري آبادڪاري به سامراج جو هڪ خطرناڪ ترين هٿيار رهي آهي. ائين کڻي چئجي ته سامراج ڌاري آبادڪاريءَ کان سِلو پوائزن جهڙو ڪم وٺندو آهي، جيڪو غلام قومن جي جسم کي اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندو آهي. هتي پنهنجن علائقن ۾ مظلوم عوام وري اسان جي ڌرتيءَ تي اچڻ کانپوءِ اسان جي ئي دشمن ۽ جابر جو ساٿاري بڻجي خود اسان کي ئي اکيون ٿو ڏيکاري. رڳو اهو ئي نه پر اسان جي شهرن تي به پنهنجي تسلط ۽ مالڪيءَ جي دعويٰ ڪري ٿو.

سنڌ جي ڊيموگرافي ايتري ته تيزيءَ سان تبديل ڪئي پئي وڃي، جيئن فلسطين جي ڪئي وئي آھي، جو ڌاري آبادڪاريءَ کي رياست هڪ سوچيل سمجهيل ٽارگيٽ تحت سنڌ ۾ طاقت ۽ قوت بخشي رهي آهي. خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شھرن ۾، ته جيئن سنڌ جي سياسي تحريڪ کي شهرن مان ڪمزور ۽ اڌ مئو ڪري ڪڍي ڇڏجي، ان لآءِ ٻه ڏهاڪا ته ھتي لساني تضاد اڀاري سنڌي مهاجر ڪرائيسس کي هٿي ڏني وئي. وري افغانين اسان جو قتل عام شروع ڪيو. قومي تحريڪ کي ڳچ عرصي کان ٽياس تي ٽنگيو ويو آھي. اڄ وڏو مسئلو ته خاص ڪري اسان لآءِ ڪراچي، ڄامشوري ۽ حيدرآباد اندر افغاني پٺاڻن ۽ ٻين ڌارين جو تيزيءَ سان وڌڻ آھي. پر اهو عمل اڄ کان شروع نٿو ٿئي، هڪ منظم سازش تحت ڪراچي، ڪوٽڙي، نوري آباد ۽ حيدرآباد ۾ خدا ڪي بستي، بهاري، بنگالي پاڙا ٺاهي کين بنگلاديش جي انقلاب خلاف ويڙھ جو انعام ڏنو ويو. ڌاريا سنڌ ۾ رهي ڪري به پنهنجا مقصد پورا ڪن ٿا، سنڌ کي نقصان ڏين ٿا، سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ ڊيموگرافي تباھ ڪن ٿا. نوڪرين ۽ روزگار تي ڌاڙو هڻن ٿا. اڄ جڏهن پنهنجي سياسي قوت ۽ قومي تحريڪ کي شھرن ۾ منظم ۽ طاقتور ڪرڻ لآءِ ماڻھن جو شھرن ڏانهن ڌيان پئي ڇڪايو ويو ته سرڪار کي اها ڳالھه ڏکي لڳي.

2010ع ۾ ٻوڏ متاثر مجبورن لڏ پلاڻ ڪري جڏهن ڪراچي حيدرآباد آيا ته پ پ سرڪار کي بڇان لڳي ۽ هنن ماڻھن کي واپس موڪلڻ لآءِ رياستي جبر جو رستو اختيار ڪيو. 2022ع ۾ جڏهن ماڻھو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي شھرن ڏانهن آيا ته حڪمران طبقن جي ڪنڊن مان رڙيون اچڻ شروع ٿيون. هنن چيو ته سنڌي ڪراچي اچي ڌاڙا هڻندا، ڦرون ڪندا، هو لينڊ گريبر آھن، اهو آواز سعيد غني، نبيل گبول ۽ ساجد جوکئي جو نڪتو. مٿان سون تي سهاڳو نثار خان کهڙو جيڪو اٺ جي آنڊي جيڏا بيان ڏيڻ لڳو ته نادرا مان افغانين، برمين، بھارين ۽ ٻين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن، نتيجي ۾ ساڳيو آواز مصطفيٰ ڪمال ۽ پي ٽي آءِ جو به اچڻ لڳو. مطلب ته سرڪار ۽ ان جي اتحادين جون رڙيون شروع ٿي ويون ۽ پوءِ پلان بي تحت پي ٽي آءِ جي سنڌين خلاف زهر سان ڀريل سوچ ٻڌو. پٺاڻ، پنجابي، بنگالي، برمي، بهاري، افغاني سڀ ڌاريا ڪراچي ۾ اچي آباد ٿين، انهن کي سهولتون ملن پر ڌرتي ڌڻي ڪراچي اچي بنا سهولتن جي به رهائش اختيار نه ڪن. هي تعصب پرستي ڪنهن به ريت منظور نٿي ڪري سگهجي. نه فقط اھو پر  ڪراچي ۾ بنگالي، برمي، بهاري، افغاني، پختون، پنجابي، گلگتي، ڪشميري ۽ وانا وزيرستانين جي ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ لآءِ سنڌ اسيمبلي ڪچي آبادي ريگيوليشن بل ايوان مان منظور ڪري ورتو. هي شهر سنڌ جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي سنڌ سچائي سنڌيو هي ٻڌو ۽ فيصلو ڪريو. لڳاتار ڌارين هٿان سنڌين جا قتل ٿيندا رهيا ڪنهن تي ڦورو جو الزام ڪنهن تي ڪارو ڪاري جي تهمت ڪو چور ڪو ڀتاخور مطلب ته سنڌ سرڪار جي وزيرن مشيرن واري ٻولي ڳالهائيندي، ڌارين سنڌين جي نسل ڪشي پلان ڪري ورتي پوءِ منظور پشتين کان شاهي سيد ۽ ايم ڪيوايم جي ليڊرن تائين سنڌين خلاف زبان درازي جا سوين مثال ملن ٿا، هي جيڪو مڇر ڪالوني لڳ بنگالي پاڙي اندر جن ٻن موبائل ڪمپني جي ملازمن هر هڪ انجنيئر جاويد ۽ ڊرائيور اسحاق پهنور جو قتل ٿيو آھي. ان جا سڌا سنوان پيرا انهن وزيرن، مشيرن ۽ پ پ جي ڪرتا ڌرتائن ڏانهن وڃن ٿا، جن پٺاڻن کي سنڌ ۾ ڪالونيون الاٽ ڪيون، تربيت يافته دھشتگرد بنگال ۽ برما مان آڻي سنڌ جي شھرن ۾ کين آباد ڪيو ويو، ته جيئن هو ووٽ حاصل ڪري سگهن. پر کين ووٽ ته نه مليا پر هنن تربيت يافته دهشت گردن سنڌ جا ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا. ايف آءِ آر داخل ٿي آھي سٺي ڳالھه آھي ڪجھه ماڻھو گرفتار ڪيا ويا آھن پر اسين سمجهون ٿا ته رڳو اهو ڪافي ناهي. اهم ڳالھه ھي آھي ته جن سنڌين خلاف ميڊيا ٽرائل ڪيو، جن سنڌين کي ڦورو لٽيرو ۽ لينڊ گريبر ڪوٺيو، اهي ٻڌائن ته ھنن ٻنهي قتلن سميت جيڪي سنڌي افغانين، بهارين ۽ برمين ماريا آھن انهن تي ڌارين ساڳيا الزام مڙهيا ۽ بهتان بازيون ڪيون، ان ڪري اڄ هن ٻٽي قتل جا پيرا به انھن ڏانهن وڃن ٿا. ان ڪري مٿي ڏنل نالن وارن سمورن ماڻھن کي هن ڏوھ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ماسٽر مائينڊ ڪير آھي؟ ان تائين پهچڻ پوليس ۽ ادارن لاءِ سڀ کان اهم ۽ وڏو معاملو آھي. هي سيالڪوٽ ۾ ٿيل ڏاڍ کان تمام وڏو الميو آھي، ان ڪري ترت هن واقعي جو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سوموٽو نوٽس وٺي ۽ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي.