لاس اينجلس ۾ فائرنگ، گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

0
253
لاس اينجلس ۾ فائرنگ

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) لاس اينجلس ۾ فائرنگ، گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ نئين چيني سال جي حوالي سان ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ فائرنگ ڪئي وئي، گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن

ميڊيا رپورٽس موجب لاس اينجلس جي مانٽيري پارڪ نالي علائقي ۾ ٿيندڙ هڪ تقريب جي دوران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

اڃا تائين مارجي ويلن بابت سرڪاري انگ اکر جاري نه ٿي سگهيا آهن پر پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا آهن

ہلاکتوں کے سرکاری اعدادوشمار ابھی جاری نہیں کیے گئے / اے ایف پی فوٹو

ان علائقي ۾ واقع ڪيلم هائوس سي فوڊ نالي ريسٽورينٽ جي مالڪ سيونگ ون چيوئي ٻڌايو ته 3 ماڻهو ريسٽورينٽ ۾ تيزي سان داخل ٿيا ۽ دروازو بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انهن ٻڌايو ته ان علائقي ۾ هڪ شخص مشين گن سان فائرنگ ڪئي آهي

هن ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو علائقي جي هڪ ڊانس ڪلب ۾ مقامي وقت موجب رات 10 وڳي پاڪستاني وقت جي مطابق صبح 11هين وڳي پيش آيو

هي به پڙهندا

برازيل ۾ پرتشدد مظاهرا، صدر آرمي چيف کي برطرف ڪري ڇڏيو