اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ق ليگ جي انٽرا پارٽي چونڊ روڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ مسلم ليگ (ق) جي انٽرا پارٽي چونڊ لاءِ مرڪزي اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل جي اجازت کانسواءِ 10 آگسٽ تي ق ليگ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي پئي وڃي، اليڪشن ڪميشن هنگامي بنيادن تي اڄ جمعي ڏينهن درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري، ڇو ته عاشوري جي موڪل سبب اليڪشن ڪميشن 5 آگسٽ تي انٽرا پارٽي روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪري. اليڪشن ڪميشن ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت جي ق ليگ جي انٽرا پارٽي اليڪشن روڪرائڻ بابت درخواست جلد ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ورتي آهي، اليڪشن ڪميشن اڄ جمعي ڏينن ان درخواست تي 11 وڳي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي.