لاهور(م ڊ) چوڌري شجاعت حسين جي پٽ چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي مسلم ليگ (ق) کي تحريڪ انصاف ۾ ضم ڪرڻ جي خواهش سندس پنهنجي نه پر ڪنهن ٻئي جو ضد لڳي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻارن جي انا ۽ خواهشن تي سياسي فيصلا ڪرڻ کان اڳ هڪ ڀيرو پنهنجون ئي چيل ڳالهيون ياد ڪري وٺو. هن چيو ته جنهن شخص کي اڄ توهان هليل ڪارتوس چئي رهيا آهيو انهن جي ڪري ئي پارٽي جي سڃاڻپ ۽ عزت آهي.