ڊسڪا (م ڊ) ڊسڪا ۾ ڪارنر گڏجاڻي دوران ق ليگ جي سينيئر نائب صدر سليم بريار تڪ لاءِ 50 ڪروڙ جي ترقياتي پيڪج جو اعلان ڪري ڇڏيو، ق ليگ جي اڳواڻ چيو ته ڊسڪا ۾ تحريڪ انصاف ننڍي چونڊ کٽي وئي ته پيڪيج ٻيڻو ٿي ويندو، هن چيو ته ڪنهن جي گهر خالي هٿ وڃڻ جي روايت نه آهي، ڊسڪا اچڻ کان 2 ڏينهن اڳ وزيراعليٰ سان ملاقات ڪئي هئي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ مهم ۾ ترقياتي پيڪيجز جي اعلانن جي اجازت آهي، سليم بريار جي وڊيو بيان جو جائزو ورتو پيو وڃي.