قيدين جيان ڪيمپن ۾ ! … محمد ايوب شيخ

0
97

  سنڌ ڌرتي  جيڪا  پهرين کان ئي اذيتن ۽ دردن ۾ پچي ۽ پڄري رهي هئي ڪرپشن  .رشوت خوري . بيروزگاري . مهانگائي . لٽ مار . بدامني . قبيلائي تڪرارن سنڌ جو سَنڌُ سَنڌُ ساڻو ڪري ڇڏيو هو هتان جي  وڏي آبادي غربت کان هيٺ لڪير واري زندگي ڀوڳي رهي هئي تعليم . صحت ۽ روزگار کان محروم سنڌ جو عوام بي حال بڻيل هو، بيوس ۽ لاچار  ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا هئا اهڙي ڏکي وقت ۾ يا ائين کڻي چئجي ته ڌڪ ۾ ڌڪ دانهون ڪرائي ڇڏيون، لوئي ۽ لڄ جا رکوالا قيدين جيان ڪيمپن ۾ رهڻ تي مجبور آهن مهمان نواز قوم اڄ ماني ڳڀي لاءِ ايندڙ ويندڙن جو راهون تڪي رهي آهي، سنڌ ۾ آيل سيلاب  گهر گهاٽ  .ڪاروبار فصل ۽ مال متاع ٻوڙي ڇڏيا ايڏي وڏي  تباهي ۽ بربادي ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ايترو آسان نه هوندو ته مٿان وري روز روز  مهانگائي جي پهاڙن مان ڪرندڙ وڏن وڏن پٿرن ته صفا چٿي اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي اهڙي صورت ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جو مستقبل ته پري ٿيو پر حال به  بي حال بڻيل  آهي.

                         سنڌ جو انوکو ڪلچر ۽ پنج هزار سال قديم تهذيب اوپرا لڳي رهيا آهن يقين ئي نه پيو اچي ته سنڌي قوم اهڙي شاندار تهذيب جي والي ۽ وارث آهي  جنهن کي ڏسي دنيا دنگ رهجي وڃي وقت واقعي ڏاڍو ڏنگو آهي شايد سنڌ واسين کي  ڪڏهن وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته مکڻ ۽ ماکي سان نيرنون ڪندڙن جون اڄ قطارن ۾ پليٽون هٿن ۾ هونديون ۽ ماني ڳڀي لاءِ سوالي هوندا ڪنهن ڳوٺ مان مٿي اگهاڙو لنگهڻ کي عيب سمجهندڙ قوم جون نياڻيون مٿي اگهاڙيون ماني ڳڀي ۽ سر ڍڪڻ لاءِ ايلاز ڪري رهيون آهن، وقت وڏو استاد آهي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي وقت سنڌي قوم کي هن وقت اهڙو ته سبق سيکاريو آهي جو سنڌي ماڻهو هاڻ فالتو وقت وڃائڻ هوٽلن تي ڪانڀون ٻڌي فلمون  ڏسڻ وساري ڏينهن رات جفاڪشي ۽ محنت ڪري وڃايل مال متاع عزت ۽ مرتبو وري حاصل ڪري سگهن ٿا.