ڪراچي (م ڊ) ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته قيادت جو جهيڙو ناهي، آئون شروع کان ايم ڪيو ايم کي بچائڻ چاهيان ٿو، خالد مقبول ۽ مصطفيٰ ڪمال کي منهنجون ڳالهيون سمجهڻ ۾ اچي ويون آهن، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم ڌڙن ۾ اتحاد جو اعلان جلد ٿي ويندو، ڪافي شيون طئي آهن، اتحاد لاءِ سمورين ڌرين ۾ اتفاق ٿي ويو آهي، آفاق احمد به اتحاد ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته متحده لنڊن کان 23 آگسٽ تي الحدگي اختيار ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم پهرين واري پوزيشن آهسته آهسته وڃائي، هاڻ اتحاد لاءِ ڪافي شيون طئي ٿي ويون آهن، هن چيو ته ڪراچي ڪمزور ٿيندو آهي ته پاڪستان غيرمستحڪم ٿيندو آهي.