ممبئي(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ جي ٽاپ فرنچائزز جا مالڪ انگلينڊ جي ڇهن رانديگرن کي عالمي ڪرڪيٽ ڇڏي ٽي ٽوئنٽي ليگ کيڏڻ عيوض 50 لک پائونڊز تائين ساليانا معاهدا ڪرڻ تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. برطانوي اخبار دي ٽائمز لنڊن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ پي ايل جي اٽڪل سمورين 10 فرنچائزز دنيا جي مختلف ليگز جن ۾ سي پي ايل ( ويسٽ انڊيز) ايس اي ٽي ٽوئنٽي ( ڏکڻ آفريڪا) گلوبل  ٽي ٽوئنٽي ليگ ( گڏيل عرب رياستون ) ۽ آمريڪا ۾ ٿيندڙ ليگ ٽي ٽوئنٽي شامل آهن ۾ پنهنجون ٽيمون خريد ڪيون آهن. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آءِ پي ايل جي ٽاپ فرنچائزز جي مالڪن انگلينڊ جي 6 ڪرڪيٽرن سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بدران ٽي ٽوئنٽي ليگ کيڏڻ عيوض پنجاهه لک پائونڊن تائين ساليانا معاهدا ڪرڻ تي ڳالهه ٻول ڪري رهيا آهن.

 

فرنچائز۽ ڪرڪيٽرن جا نالا به ظاهر ناهن ڪيا ويا. اهڙي قسم رابطو آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي رانديگرن سان پڻ  ڪيو ويو آهي.