قوم جي لاءِ خوشخبري: پاڪستان 4 سالن بعد فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويو

0
288
پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويو
قوم جي لاءِ خوشخبري: پاڪستان 4 سالن بعد فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويو

پاڪستان 4 سالن بعد فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري ويو، فيٽف جي صدر ٽِي راجا ڪمار پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فيٽف جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪري سُڌارن جو جائزو ورتو

پاڪستان 34 نقطن تي عمل ڪيو آهي، پاڪستان هاڻي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ کي بهتر نموني روڪي سگهي ٿو، گري لسٽ مان نڪرڻ باوجود پاڪستان فيٽف جي نگراني ۾ رهندو، پاڪستان جو نالو 2018ع ۾ گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو، گري لسٽ مان نالو نڪرڻ تي پاڪستان کي واڌايون ڏيون ٿا، فيصلي سان پاڪستان لاءِ پرڏيهي فنڊنگ حاصل ڪرڻ سولي ٿي ويندي، پرڏيهي مامرن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر فيٽف جا ٿورا مڃيا